پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين لاءِ سبسڊي شروع: رليف جي جلد فراهمي يقيني بڻائي وڃي: وزيراعظم

پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين لاءِ سبسڊي شروع: رليف جي جلد فراهمي يقيني بڻائي وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيرِ اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن ۽ حڪومت طرفان عوامي رليف قدمن بابت اجلاس منعقد ٿيو.  وزير اعظم چيو ته رليف جي رقم پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين وارن ماڻهن کي ڊجيٽل والٽس ذريعي فراهم ڪرڻ جو شروعات ٿي وئي آهي، هڪ اثرائتي ۽ شفاف نظام تحت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بسُن ۽ ويگنن، ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي ٽرڪن ۽ مال بردار گاڏين کي سبسڊي جي ڊجيٽل منتقلي شروع ڪئي وئي آهي. ڪوشش آهي ته معاشي طور ڪمزور طبقي کي رليف جي فراهمي جلد کان جلد ممڪن بڻايو وڃي. مشڪل وقت ۾ پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيرِ اعظم چيو ته  مشڪل حالتن ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومتي بچت ۽ سادگي جي قدمن سان بچايل رقم عوام تي خرچ ڪنداسين. اجلاس ۾ وزيرِ اعظم کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي عملدرآمد بابت اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پيٽروليم شين جا مناسب ذخيرا موجود آهن. اجلاس کي عوامي رليف قدمن جي عملدرآمد بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطا الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، معاون خاص طلحہ برڪي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.