خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

“پتنگن په ڪيو”: ذڪر ھڪ ادبي تخليق ۽ تقريب جو! … خدابخش بروھي

                 مڪلي جي تاريخي، روحاني ۽ فڪري سرزمين تي سنڌي ادب جي هڪ اهم، باوقار ۽ يادگار تقريب ان وقت منعقد ٿي، جڏهن سنڌي ادبي شاخ مڪلي طرفان محقق، شاعر، ليکڪ ۽ فڪر رکندڙ قلمڪار رمضان ميمڻ جي ڪتاب ”پتنگن پھ ڪيو“ جي مهورتي تقريب ٿي. اها محفل رڳو هڪ ڪتاب جي رونمائي نہ هئي، پر سنڌ جي علمي، ادبي ۽ فڪري تسلسل جي علامت بڻجي سامهون آئي.هن علمي ۽ ادبي تقريب جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ڪئي، جڏهن تہ نامياري اديب محمد خان ابڙو سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، قلمڪارن، صحافين، تصوف جي پرچارڪن، مذهبي عالمن ۽ علم دوست شخصيتن ڀرپور شرڪت ڪري محفل کي علمي وقار بخشيو.

                 ”پتنگن بہ ڪيو ھي ڪتاب“ 128 صفحن تي ٻڌل هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ 15 صحافين، 2 مذهبي عالمن، 2 تصوف جي پرچارڪن، 2 سياسي شخصيتن ۽ 43 ٻين مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن جون تصويرون آھن انھن بابت بہ لکيو ويو آهي.جيڪي شاعر اديب، ايڪٽر ۽ سماجي شخصيتون  آھن،  ڪتاب جي ٻنهي جلدن تي مجموعي طور 64 تصويرون شامل آهن، جيڪي ان کي وڌيڪ دستاويزي حيثيت عطا ڪن ٿيون.

هي ڪتاب انهن روشن ضمير، باعمل ۽ بي لوث شخصيتن جي نالن، خدمتن ۽ ڪردارن جي واکاڻ تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي علم، فڪر، ادب، صحافت، سياست ۽ سماجي جدوجهد وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ عزت ۽ احترام جو مقام حاصل ڪري چڪا آهن. انهن شخصيتن جي جدوجهد، فڪري عظمت ۽ سماجي ڪردار کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ، بيشڪ هڪ وڏي ادبي ۽ سماجي خدمت آهي.

رمضان ميمڻ هن ڪتاب ۾ اهڙين شخصيتن جا خاڪا پيش ڪيا آهن، جيڪي علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي ميدانن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي چڪيون آهن. هن انهن جي زندگي، فڪر ۽ ڪردار کي سماجي قدرن جي آئيني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هن ڪتاب کي فڪري سنجيدگي عطا ڪري ٿي.

رمضان ميمڻ جي لکڻي جو اهم ڪمال اهو آهي ته هو مختصر، جامع ۽ سادي لفظن ۾ شخصيتن جي فڪري ۽ عملي پهلوئن کي چٽو ڪري پيش ڪري ٿو. ڪتاب جو عنوان ”پتنگن بہ ڪيو“ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي بيت مان ورتل آهي، جيڪو گهري علامتي معنويت رکي ٿو. جيئن پروانا روشني ڏانهن ڇڪجي پنهنجي هستي قربان ڪري ڇڏيندا آهن، پر پوئتي نہ هٽندا آهن، تيئن ئي هن ڪتاب ۾ شامل شخصيتون بہ علم، حق، فڪر ۽ سماجي سچائي خاطر اجتماعي چيلينجن آڏو بيهي، پنهنجي ذات کي وساري ڇڏين ٿيون.

ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو:

پتنگن پھ ڪيو، مڙيا مٿي مچ،

پسي لھس م لچيا، سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا.

هي ڪتاب بہ ان ئي فڪري تسلسل، قرباني ۽ سچ سان وابستگيءَ جو عڪس آهي.

رمضان ميمڻ جي هي ڪوشش ان ارادي سان جڙيل آهي تہ پڙهندڙ انهن شخصيتن جي جدوجهد سان واقفيت حاصل ڪن، سندن فڪر مان روشني وٺن ۽ سماجي سجاڳي، علمي واڌاري ۽ فڪري بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ذڪر لائق ڳالھ اها بہ آهي تہ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ پاڻ رمضان ميمڻ پنهنجي موبائل فون ذريعي ڪئي ھئي، جيڪا سندس محنت، لگن ۽ ادب سان عشق جو واضح ثبوت آهي.

ڪتاب جي اشاعت ۾ نامياري عالم، اديب، تاريخدان ۽ شاعر ڊاڪٽر محمد علي همٿائي نہ رڳو اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ڪتاب جو فڪري مهاڳ بہ تحرير ڪيو. جڏهن تہ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ آزاد انور ڪانڌڙي جي حوصلا افزائي، ڊاڪٽر مارو خشڪ جي علمي رهنمائي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مڪلي جي گڏيل تعاون کي بہ ساراهڻ گهرجي.

”پتنگن پھ ڪيو“ رڳو شخصيتن جا خاڪا نہ، پر سنڌ جي علمي، ادبي ۽ فڪري ورثي سان جڙيل هڪ اهم دستاويز آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو ذريعو بڻجندو. رمضان ميمڻ بنيادي طور شاعر آهي، پر هن ڪتاب وسيلي اهو ثابت ڪيو آهي تہ هو نثر ۾ بہ فڪري پختگي، سچائي ۽ ادبي سونهن سان لکڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. اها اميد بہ ظاهر ڪئي وڃي ٿي تہ رمضان ميمڻ ايندڙ وقتن ۾ بہ اهڙي ئي سنجيده، ذميوار ۽ فڪري ادب سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪندو رهندو، ۽ سندس هي ڪتاب ادبي حلقن ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪندو.