پرائمري استاد آن لائين گيم ۾ 15 لک هارائي ويٺو: آپگهات

پرائمري استاد آن لائين گيم ۾ 15 لک هارائي ويٺو: آپگهات

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي ڳوٺ مٺو چانگ واسي پرائمري استاد اسلم چانگ مبينا طور پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، واقعي بعد استاد جو لاش سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته استاد اسلم چانگ آن لائين گيم کڏندو ھو جنھن ۾ ھن پگھارن جا 15 لک گيم ۾ وجھي راند ڪئي جيڪي ھارائي ويو، پئسا ھارائڻ بعد ھن خودڪشي  ڪئي، استاد جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، استاد اسلم چانگ ڳوٺ ملوڪ مجيداڻو جي اسڪول ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيل هو.