| پرائيويٽ حج پاليسي منظور، ڪوٽا ختم، نئون نظام لاڳو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا نئين پرائيويٽ حج پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪوٽا سسٽم بدران ڪارڪردگي ۽ ڪمپلائنس جو نظام لاڳو ڪيو ويو، پرائيويٽ حج ڪوٽا پهرين اچو پهرين وٺو جي بنياد تي ٻڌل هوندي، مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب موجوده حج آپريٽرز جي ٻيهر جاچ لازمي قرار ڏني وئي، حج آپريٽر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار حج پانڌيئڙن جي بڪنگ لازمي قرار ڏني وئي، گهٽ بڪنگ تي ڪمپني غير فعال ڪئي ويندي، حج پاليسي تحت ناڪام ٿيندڙ ڪمپنين جي اڌ سيڪيورٽي ضبط ڪئي ويندي، حاجي آٽوميٽڪ انداز ۾ ٻين ڪمپنين ڏانهن منتقل ٿي ويندا، حج بڪنگ رڳو پرائيويٽ حج مينيجمينٽ پورٽل ذريعي ٿيندي، پورٽل نادرا ۽ اسٽيٽ بينڪ جي پورٽل سان ڳنڍيل هوندو، ڪمپنيون حاجين جا فنڊ پاڻ وٽ نه رکي سگهنديون، دستي بڪنگ يا نقد رقم جي ڏي وٺ تي پابندي هوندي، سعودي ۾ سموريون حج ادائگيون اسٽيٽ بينڪ اڪائونٽ ذريعي ٿينديون.