پرائيويٽ گاڏي، پوليس موبائل پروٽوڪول: نوجوان ماريندڙ ايس ايچ او جي عدالت انٽري

پرائيويٽ گاڏي، پوليس موبائل پروٽوڪول: نوجوان ماريندڙ ايس ايچ او جي عدالت انٽري

ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ڀرسان پوليس هٿان مبينا طور مارجي ويل نوجوان رمضان کوسو جي قتل ڪيس جو مک جوابدار اڳوڻو ايس ايچ او حسين بخش راڄڙ کي گرفتاري بعد پرائيويٽ گاڏي ۾ ويهاري پوليس موبائل جي پروٽوڪول ۾ عدالت آندو ويو، ايس ايس پي جي جوڙيل جاچ ٽيم ايس ايچ او ڏيپلو امين جوڻيجو ۽ ايس ايچ او مٺي قادر بخش بهراڻي جوابدار کي سول ڪورٽ ڏيپلو ۾ پيش ڪري چوڏھن ڏينهن جي پوليس رمانڊ جي اپيل ڪئي، سول ڪورٽ پاران ٽي ڏينھن جو پوليس رمانڊ ڏنو ، ٻئي طرف ڪيس جو جاچ آفيسر ايس ايچ او مٺي قادر بخش بهراڻي ۽ ايس ايچ او امين جوڻيجو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان  سيڪيورٽي رسڪ جي ڪري پنهنجي پرائيويٽ گاڏي ۾ وٺي آيا آھيون پٺيان پوليس موبائيل سيڪيورٽي ھئي