پرامن احتجاج کي پرتشدد نه بڻايو وڃي: سسئي پليجو

اپريل 28, 2025

ٺٽو (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته پوليس پر امن مظاھرين خلاف پرتشدد ڪارروائين کان پاسو ڪري، ڪنهن به صورت پر امن سنڌ کي پر تشدد بڻائڻ جي سازش قبول ڪو نه ڪنداسين، پنھنجي بيان سسي پليجو وڌيڪ چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ مٿان تشدد مذمت جوڳو آھي، احتجاج ڪندڙ سنڌ جا حلالي پٽ آھن انھن کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي، سِنڌ جي پاڻي جي حَق ۾ پُر امن جَدوجھد جاري آھي، جيڪو عوام جو ازلي حق آھي، طاقت جي زور تي حق کسڻ ڪٿي جو قانون آھي.

Leave A Comment