پراڻا ڪپڙا سلائي ڪرائڻ ۽ پراڻا جوتا ڳنڍرائڻ تي بونس ملندو

جُولاءِ 12, 2023

پيرس (پنهنجي ڊيسڪ) هاڻي پراڻا ڪپڙا سبرائڻ ۽ پراڻا جوتا ڳنڍرائڻ تي بونس ملندو، فرانس اهڙي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي

اسڪيم تحت ڇڳل جوتا ڳنڍرائڻ تي 7 يورو ۽ ڦاٽل ڪپڙا سبرائڻ تي 10 کان 25 يورو بونس ڏنو ويندو

اسڪيم آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندي، سلائي ورڪشاپس ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ موچين جي حوصلا افزائي لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو آهي

فرانسيسي هر سال 7 لک ٽن ڪپڙا اڇلائيندا آهن هاڻي ان اسڪيم تحت ڦاٽل ڪپڙا ٻيهر استعمال ڪرڻ جو عمل وڌي ويندو

Leave A Comment