ڊيرا اسماعيل خان(پنهنجي ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن جي ڏينهن تير سان شينهن جو شڪار ڪري ڏيکارينداسين
ڊيرا اسماعيل خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اقتدار ۾ اچي 18 وزارتون ختم ڪندس، اشرافيه کي ملندڙ اربين روپين جون سبسڊيون ختم ڪري غريب عوام تي خرچ ڪنداسين
هن چيو ته ملڪ کي بحرانن مان هڪڙي جماعت ئي ڪڍي سگهي ٿي، اها جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي آهي، 8 فيبروري تي فيصلو ٿيندو ته پاڪستان جا ايندڙ 5 سال ڪيئن گذرندا
ان موقعي تي پ پ چيئرمين ووٽرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهين پراڻي سياست چاهيو ٿا ته پوءِ ڀلي پنهنجو ووٽ ضايع ڪيو