اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ۾ دير اليڪشن کان انڪار جي برابر آهي، ڪنهن ٻئي اداري جي حڪم ڏيڻ کان اڳ اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان ڪري، سڀني پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ريفرنس اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ پيل آهي، شهيد بينظير ڀٽو به سپريم ڪورٽ کان انصاف گهريو هو، شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي
هن چيو ته اسان کي غيرجمهوري قوتن کي ڏيکارڻو هو ته جمهوري حڪومت ڪيئن قائم ٿيندي آهي، اسان کي ته پارليامينٽ ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو هو، راتورات سمورا ادارا نيوٽرل ٿي رهيا هئا واهه جي واهه، سڀ هڪئي اداري جي احتساب جا قائل آهن، ججز سويلينز جي احتساب جا ته گهڻا قائل آهن پر پنهنجي احتساب جا ناهن
هن چيو ته 2009ع ۾ عوامي دٻاءَ تي عدليه جي بحالي سان ججز جي تڪبر ۾ اضافو ٿيو، 2013ع ۾ افتخار چوڌري ۽ عدليه واضح جانبداري جو مظاهرو ڪيو، 2018ع جي چونڊن ۾ عدليه جا فيورٽ تمام گهڻا واضح هئا
پ پ چيئرمين چيو ته آمريت جو دروازو بند ٿي چڪو پر هڪ نئين طرز جي آمريت شروع ٿي وئ، اسان جي پارٽي چونڊن جي تاريخ گهري رهي آهي، چونڊون اسان جو حق آهي، فوري تاريخ ڏني وڃي
بلاول چيو ته پراڻي سياست ۽ نفرت ختم ڪرڻي پوندي، ملڪ ۽ عوام لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، هيرا ڦيري سان اقتدار منتقلي سياسي عدم استحڪام جي جڙ آهي