| پراڻي سکر جي مختلف علائقن ۾ ڏيڍ مهيني کان گئس بند |
سکر (بيورو رپورٽ) پراڻي سکر جي مختلف علائقن ۾ ڏيڍ مهيني کان گئس بند آهي، جنهن ڪري شهري پريشان آهن. اِن ڏس ۾ پراڻي سکر جي رهواسين مطابق پائپ لائين جي کوٽائي کانپوءِ گئس جي فراهمي معطل آهي. ڏيڍ مهيني کان گئس نه هجڻ سبب متبادل طور ڪاٺيون توڙي سلينڊر استعمال ڪرڻ تي مجبور آهيون. گئس نه هجڻ باوجود 2000 جي لڳ ڀڳ گئس جو بل به ادا ڪيو آهي. سوئي گئس اختيارين کي دانهيو آهي پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو. گئس انتظاميا پهچي مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ خانه پوري ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي وڃي ٿي. علائقي ۾ ئي بااثر ماڻهن جي گئس جو مسئلو هڪ ڏينهن ۾ حل ڪيو ويو. بي پهچ ماڻهو ڏيڍ مهيني کان گئس نه هجڻ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪاٺين جي دونهين سبب عورتون توڙي ٻار بيمار ٿي ويا آهن. اختياريون نوٽيس وٺي گئس جي فراهمي کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.