پرتشدد انتهاپسندي خلاف سخت سزائون تجويز: پرتشدد تنظيمن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي: بل سينيٽ ۾ پيش

جُولاءِ 30, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام جو بل  سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، بل تحت پرتشدد تنظيمن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي

نظرياتي عقيدي، مذهبي ۽ سياسي معاملن ۾ طاقت ۽ تشدد جي استعمال، ڀڙڪائڻ ۽ حمايت ڪرڻ کي پرتشدد انتهاپسندي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بل ۾ فرقيواريت خاطر ڌمڪائڻ يا ڀڙڪائڻ، فرقيواريت جي اهڙي حمايت ڪرڻ جنهن ۾ قانون جي اجازت نه هجي، پرتشدد انتهاپسندي ۾ شامل ڪنهن فرد يا تنظيم جي مالي مدد ڪرڻ يا تشدد ۽ دشمني لاءِ ڀڙڪائڻ به شامل آهي

بل موجب شيڊول ۾ شامل شخص کي تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ پرتشدد انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي جي تريف ڪرڻ ۽ ان لاءِ معلومات پکيڙڻ به پرتشدد انتهاپسندي ۾ شامل آهي

پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ اهڙو بل اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، بل تحت پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث ماڻهن کي 90 ڏينهن کان 12 مهينن تائين حراست ۾ رکي سگهبو

بل تحت حڪومت ڪنهن شخص يا تنظيم کي پرتشدد انتهاپسندي تي لسٽ هڪ ۽ 2 ۾ شامل ڪري سگهي ٿي

لسٽ ون ۾ ڇا آهي؟

لسٽ ون ۾ اها تنظيم هوندي جيڪا پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث هجي جنهن جو سربراهه پرتشدد هجي، ان لسٽ ۾ نالو تبديل ڪري ٻيهر منظرعام تي ايندڙ تنظيمون به شامل هونديون

لسٽ ٽو ۾ ڇا آهي؟

بل موجب لسٽ ٽو ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن جيڪي پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث هجن، لسٽ ٽو ۾ پرتشدد اداري، ليڊر يا پرتشدد اداري جي مالي مدد ڪندڙ به شامل هوندا، حڪومت پرتشدد فرد ۽ پرتشدد تنظيم جي ميڊيا تائين رسائي يا اشاعت تي پابندي لڳائيندي

بل ۾ چيو ويو آهي ته پرتشدد فرد يا تنظيم جي ليڊر يا فرد جي پاڪستان ۾ چرپر يا ٻاهر وڃڻ تي پابندي هوندي، حڪومت پرتشدد تنظيم جي اثاثن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي

بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حڪومت پرتشدد تنظيم جي ليڊر، عهديدارن ۽ ميمبرن جي سرگرمين جي نگراني ڪندي، ليڊر، عهديدار ۽ ميمبرن جو پاسپورٽ ضبط ٿيندو، ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، انهن جو هٿيارن جو لائسنس رد ٿيندو، اثاثا، پراپرٽي، بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا

پرتشدد تنظيمن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ڪوئي مالياتي ادارو پرتشدد تنظيم جي ليڊر، ميمبر يا عهديدار جي مالي مدد نه ڪندو، لسٽ ۾ شامل شخص کي 90 ڏينهن کان 12 مهينن تائين حراست ۾ رکي سگهبو

سرڪاري ملازم پاڻ يا گهرڀاتين کي پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث ٿيڻ نه ڏيندو

بل جي متن موجب تعليمي ادارا ڪنهن شخص کي پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث هجڻ يا ان جي پرچار ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، ڪوئي سرڪاري ملازم نه پاڻ نه ئي پنهنجي گهرڀاتين کي پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث ٿيڻ ڏيندو

پرتشدد انتهاپسندي جو مواد سوشل ميڊيا تان هٽايو ويندو

پرتشدد انتهاپسندي جي مواد کي سوشل ميڊيا تان فوري طور هٽايو ويندو يا بلاڪ ڪيو ويندو، قابل سزا ڏوهه سيشن ڪورٽ ذريعي ٻڌو ويندو، ڏوهه ناقابل ضمانت هوندو، معاملي جي پوليس يا ڪوئي جاچ ڪندڙ ادارو انڪوائري ڪندو

پرتشدد انتهاپسندي ثابت ٿيڻ تي سزا ڪيتري ٿيندي؟

پرتشدد انتهاپسندي جي مرتڪب شخص کي 3 کان 10 سال سزا ۽ 20 لک تائين ڏنڊ لڳندو، ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شخص کي هڪ کان پنج سال تائين قيد ۽ 10 لک تائين ڏنڊ جي سزا ملندي، پرتشدد انتهاپسندي ۾ ملوث تنظيم مٿان 50 لک رپيا ڏنڊ لڳندو، تنظيم ختم ڪئي ويندي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ تنظيم مٿان 20 لک تائين ڏنڊ لڳندو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فرد يا تنظيم جي پراپرٽي ۽ اثاثا ضبط ڪيا ويندا

سهڪار، مدد يا سازش يا ڀڙڪائڻ واري شخص کي به 10 سال تائين قيد ۽ 20 لک ڏنڊ جي سزا ملندي، ڏوهه ڪندڙ شخص کي پناهه ڏيندڙ ماڻهو کي به قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي

تحفظ ڪنهن کي ملندو؟

حڪومت لسٽ ۾ شامل شخص يا تنظيم جي ليڊر ۽ ميمبرن کي گرفتار ڪري 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکي سگهندي، ان جي مدي ۾ 12 مهينن تائين واڌ به ڪري سگهبي، متاثر شخص کي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق هوندو، حڪومت کي معلومات يا مدد فراهم ڪندڙ شخص کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو

Leave A Comment