پرتشدد انتهاپسندي خلاف قومي پاليسي منظور: پي ٽي آءِ ملڪ جي بيعزتي ڪرائي: وزيراعظم

ڊسمبر 3, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڊگهي عرصي کانپوءِ مهانگائي 4 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اُميد ته عام ماڻهو تان بار گهٽجي ويندو، ڪابينا کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج سبب ملڪ ۾ بيچيني واري ڪيفيت رهي، اسلام آباد ۾ افراتفري وارو ماحول هو، غيرقانوني ۽ انتهائي غلط ٽڪساٽن سان ملڪ جي بي عزتي ڪرائي وئي، مظاهرين ڊي چوڪ تان واپس موٽيا ته اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر چڙهي وئي، اسان کنڊ ڏيساور اُماڻڻ جي اجازت ڏني پر اُن جا اگهه وڌڻ نه ڏنا، سرحدن تي آرمي جي مڪمل ڪنٽرول سبب افغانستان ۾ کنڊ جي اسمگلنگ ٻُڙي ٿي وئي، پي ٽي آءِ دور ۾ هڪ وزير قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏنو ته پائليٽس جون ڊگريون جعلي آهن، اُن جي نتيجي ۾ اربين ڊالرز جو نقصان ٿيو، وزيراعظم پي آءِ اي کي يورپ ۾ اڏامن جي اجازت ملڻ تي خواجه آصف ۽ خواجه سعد رفيق سوڌو اتحادين کي واڌايون ڏنيون. هوڏانهن شماريات کاتي موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ساڍن ڇهن سالن بعد گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، نومبر ۾ مهانگائي4 ڏهائي 9سيڪڙو رڪارڊ، شماريات کاتي موجب آڪٽوبر 2024 ع ۾ مهانگي ۾ واڌ جي شرح 7 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي، نومبر 2024ع ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي 5 ڏهائي 2 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 4 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪئي وئي، گذريل سال نومبر مهيني ۾ مهانگائي ۾ واڌ جي شرح 29 ڏهائي 2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي مانيٽري پاليسي ۾ وڌيڪ نرمي جو امڪان آهي، حڪومت لاءِ قرضن تي وياج جي مد ۾ وڏي بچت جو به امڪان آهي، ايندڙ مهينن ۾ مالي صورتحال ۾ استحڪام ايندو.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي مونوسوڊيم گلوٽاميٽ (اجينو موتو) جي درآمد تي پابندي هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو ماهرن جي خاص ڪاميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويو ، ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ مونوسوڊيم گلوٽاميٽ کي انساني صحت لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ واري وزارت جي سفارش تي سينٽر آف ايڪسيلنس يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، لاهور جي بورڊ آف گورنرز ۾ ڊاڪٽر حبيب الرحمان ۽ ڊاڪٽر ڪامران انصاري جي مضمونن جي ماهرن طور نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي تعليم ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر ممتاز محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر محمد احمد فاروقي کي سينٽر آف ايڪسيلنس ان منرالاجي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز ۾ مضمونن جي ماهرن طور نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي اسلام آباد سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا گهرو معاملن واري وزارت جي سفارش تي پرتشدد انتها پسندي جي روڪٿام واري قومي پاليسي 2024 ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي جي حڪمن جي روشني ۾، وفاقي ڪابينا خاص عدالتن جي حدن/ دائري ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا جي حڪمن جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا اسپيشل ڪورٽس (ڪسٽم، ٽيڪسيشن ۽ اينٽي اسمگلنگ) ڪوئيٽا جي دائري اختيار ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ ايڊيشنل سيشن ججن جي مقرري ڪئي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي وڪيلن جي ڀلائي ۽ تحفظ واري ايڪٽ 2023 ع تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment