| پرتگال جا رونالڊو جي غيرحاضري ۾ به 9 گول، ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ پڪي |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) پرتگال هڪ دلچسپ ميچ ۾ آرمينيا کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ 2026 فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. پرتگال ڪرسٽيانو رونالڊو جي غير موجودگي ۾ آرمينيا کي 1-9 تان شڪست ڏئي ڪواليفائنگ رائونڊ گروپ ۾ پهرين جڳهه حاصل ڪئي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي جاءِ محفوظ ڪئي. برونو فرنينڊس ۽ جوائو نيوس پرتگال لاءِ هيٽ ٽرڪون اسڪور ڪيون. رونالڊو ٽيم جي فتح کان پوءِ سوشل ميڊيا تي چيو ته اسان 2026 جي ورلڊ ڪپ ۾ پهچي ويا آهيون! اچو ته پرتگال هلون!