پرتگال پهريون ڀيرو فيفا انڊر 17 ورلڊ ڪپ کٽي ورتو

پرتگال پهريون ڀيرو فيفا انڊر 17 ورلڊ ڪپ کٽي ورتو

دوحا(اسپوٽس نيوز) پرتگال فائنل ۾ آسٽريا کي 1-0 سان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو فيفا انڊر 17 ورلڊ ڪپ 2025 کٽي ورتو.رپورٽن موجب دلچسپ ميچ مجموعي طور تي سخت مقابلو هو، جتي آسٽريا مخالف ٽيم جي گول تي نسبتاً وڌيڪ جارحاڻا حملا ڪيا، پر پرتگال فيصلي واري لمحي ۾ آسٽريا کي شڪست ڏني.ڪالهه دوحا جي خليفا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فيصلي واري ميچ ۾ واحد گول 32 هين منٽ ۾ انسو ڪيبرال ڪيو، جيڪو پرتگال لاءِ برتري حاصل ڪرڻ ۽ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو.اهو پهريون ڀيرو هو جو ٻئي ٽيمون هن اينڊر 17 جي عالمي مقابلي جي فائنل ۾ پهتيون هيون. آسٽريا جو اسٽار اسٽرائڪر جوهانس موزر، جيڪو اٺ گولن سان ٽورنامينٽ جو ٽاپ اسڪورر هو، فائنل ۾ پنهنجي ٽيم کي بچائي نه سگهيو.سندس متبادل ڊينئل فريشر ميچ جي آخري لمحن ۾ گول ڪرڻ جي ويجهو پهتو جڏهن 85 هين منٽ ۾ سندس گهٽ زاويه وارو شاٽ پوسٽ تي لڳو، اهڙي طرح موقعو وڃائي ڇڏيو.ڪيبرال، جنهن ميچ جو واحد گول ڪيو، ٽورنامينٽ ۾ 7 گول ڪيا، اهڙي طرح ٽورنامينٽ ۾ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو.