تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

پرستش: مثبت ۽ منفي اثر … ڊاڪٽر پياعلي جتوئي

تاريخ گواهه آهي، ته انسان مختف دورن ۾ مختلف شين، ماڻهن، لقائن، منظرن، مختلف مهلن پهرن، قولن، عقيدن، وهمن وسوسن، مذهبن ۽ تن جي مقدس ڪتابن جي مختلف طريقن سان پرتش ڪندا رهيا آهن، اوائلي دورن ۾ جڏهن انسان اڃا ايتري قدر تعليم يافته نه ٿيو هو ۽ سائنسي علم منطق کان ڪوهين ڏور هو، تنهن وقت ۾ ماڻهو ڪيترن قسمن جا هٿ ٺوڪيا قائدا قانون، وهم وسوسا توڙي ريتون رسمون جوڙيون هيون، جن تي پيڙهي با پيڙهي وڏي جوش و خروش سان وڏي عقيدي ۽ احترام سان انهن تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندا رهندا هئا ۽ ڪنهن کي به ان پاڪ شيءِ ، پاڪ جڳهه، پاڪ حستي جي باري ۾ ڪا تنقيد ڪرڻ يا سندس حيثيت کي للڪار ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي جيڪڏهن ڪنهن سِرڦرئي يگاني ماڻهو، ڪنهن يگاني ڪردار اهڙي توهم پرستي خلاف پنهنجو آواز بلند به ڪيو ته ان جي زبان ڇڪي ڪڍي ويندي هئي، کيس سوري جو سينگار ڪيو ويندو هو. اهڙن يگانن ڪردارن ۽ امر ماڻهن جي نالن سان تاريخ ڀري پئي آهي جيڪي صرف ان وقت جي ڪنهن پير مير، ديومالائي ڪردار جي پرستش ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سندس دٻدٻي کي للڪارڻ جي جرئت ڪئي، تنهن جو حشر يا ته سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو يا وري سندس جسم تان کل لاٿي وئي. جيئن ته پرستش گهڻن قسمن جي ٿئي ٿي ۽ مختلف دورن ۾ ان جا مختلف رنگ روپ ٿين ٿا، بحرحال هتي توهان کي ٿلهي ليکي پرستش جا ڪجهه قسم ۽ سندس مثبت توڙي منفي پهلو سمجهائڻ ضروري ڀانيان ٿو.
عقيدي پرستي:
ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀ کان اوائلي ۽ قديم پرستش جيڪا نظر اچي ٿي سا ڪنهن نه ڪنهن عقيدي، وهم وسوسي يا مذهب جي روپ ۾ هوندي آهي. تاريخ ۾ خدائي توڙي ان جي حوالي سان مقدس بڻايل شيون، شخصيتون جيتري حد تائين پوچيون ويون آهن، اوترو ٻي ڪا شيءِ پوڄي ناهي وئي. اها پرستش نه صرف خود خدا جي ذات تائين محدود رهي پر خدا سان سلهاڙيل هر شيءِ جنهن جو سڌو يا اڻ سڌي طور خدا سان تعلق هو، هر اها جڳهه جيڪا خدا جي پوڄا يا عبادت لاءِ مخصوص ڪئي وئي، ڪڏهن سج چنڊ، دريا، باهه، جبل، پاڻي توڙي بتن کي خدا سمجهي انهن جي پرتش ڪئي وئي ته ڪڏهن انهن سان لاڳاپيل شيون مثلن عبادتگاهون، مندر، گردوارا، ڪليسائون، سنيگاگ، داري مهر توڙي مري ويل ڪامل ۽ بزرگ شخصيتن جون مزارون، مقبرا، مقام سڀ پوڄيا ويندا رهيا آهن پر اڄ جي سائنسي دور ۾ به انهن مقدس مقامن تي روزانو لکين ماڻهو پنهنجي حاضري ڀري عقيديدتمندي جو اظهار ڪندا رهندا آهن.
قوم پرستي توڙي وطن پرستي؛
دنيا جي مختلف پرستشن مان قوم پرستي توڙي وطن پرستي به تمام اهم هجي ٿي جيڪا تقريبن هر ملڪ ۽ قوم جي فردن ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ توڙي قوم لئه هجي ٿي. هي به هڪ خاص قسم جي سوچ هجي ٿي جنهن ۾ ڪنهن هڪ فرد واحد کي اهو باور ڪرايو ڪيو اڃي ٿو ته جيئن ته تون دنيا ۾ سڀني کان اعلا ۽ اهم آهين تنهنڪري تنهنجي ذات سان لاڳاپيل هر اها شئ اهم آهي جيڪا تنهنجي آهي. تون جنهن ڳوٺ، پاڙي، گهٽي ۾ ڄائو آهين، نپنو آهي، کيڏيو آهين، جيڪو تنهنجو شهر آهي، تنهنجو صوبو آهي، تنهنجو ملڪ آهي اهو سڀ دنيا جي مڙني ڳوٺن، وستين واهڻن کان اتم ۽ اتاولو آهي. ڇو جو تون اهم آهين تنهنڪري تنهنجو تخم، تنهنجو نسل، تنهنجي ذات، تنهنجي قوم پوري دنيا ۾ رهندڙ هڙني ماڻهن کان اعلا ۽ مٿانبري آهي. ڪوبه تنهنجي نسل، تنهنجي ذات جو مد مقابل ۽ نه ئي ڪو تنهنجو مٽ ثاني نه ٿو ٿي سگهي. ڇوجو تون اهم آهين تنهنڪري تنهنجي ٻولي، تنهنجي پوشاڪ، تنهنجو تمدن، تنهنجي ثقافت، تنهنجي رهڻي ڪهڻي سڀ عظيم آهن. ڇو جو تون خدا جي چونڊيل قوم آهين تنهنڪري تنهنجو عقيدو، تنهنجون ريتون رسمون اهم ۽ باقي آهن، باقي سڀ ڪوڙ فريب ۽ ڌوڪو آهي. اهڙي قوم پرستي ايتري حد تائين وڌي وڃي ٿي جو ماڻهو پنهنجي ديس جي مٽي، خاڪ کي چمن ٿا.
شخصيت پرستي:
ٻين سڀني پرستشن مان سڀ کان هيٺائين درجي واري ۽ سڀ کان خطرناڪ قسم جي پرستش شخصيت پرستي هجي ٿي. هن ۾ ڪوئي مذهبي اڳواڻ، ڪوئي قومي اڳواڻ، ڪوئي پير فقير، عالم ڏاهو، پنڊت، دلير دودو، سورمو، ويڙهاڪ مطلب زندگي جي ڪنهن به قسم جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهو جو جڏهن پنهنجي قوم جي ماڻهن، ساڳي سوچ رکندڙن، هم مذهب وارن عقيدت مندن توڙي ساڳي ذات، ساڳيو نسل، ساڳي قوم جي ماڻهن ۾ هن جون ڪجهه خوبيون مشهور ٿي وڃن يا ڀلي ڪائي خوبي نه هجي پر توڙي جو اهو اسان جي پنهنجي نسل، پنهنجي قوم، پنهنجي ملڪ، پنهنجي قبيلي سان واسطو رکندڙ هجي ٿو، تنهنڪري هن جي تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ فرض آهي. هن جي هر حڪم، فرمان، قول توڙي سڏ تي سڏ ورنائڻو آهي. هو ڀلي اسان کي ليکي نه ليکي، اسان جي عزت ڪري نه ڪري پر پوءِ به اهڙين شخصيتن جو سحر پنهنجي پنهنجي مخصوص قسم جي ماڻهن ۾ ايترو ته وڌي ويندو آهي جو ان جو ڪوئي مڃيندڙ، ڪوئي عقيدتمند، ان جي شان ۾ گستاخي ته پري جي ڳالهه پر ان لاءِ ڪا عقلي توڙي منطقي تنقيد ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هوندو ۽ ان جي اجائي فضول دفاع ۾ هر قسم جي جهيڙي، رت وهائڻ توڙي قتل ڪرڻ تائين تيار ٿي ويندو.
توڙي جون ٻيون کوڙ ساريون پرستشون ۽ انهن جا ننڍا وڏا قسم دنيا ۾ ملن ٿا، مثلن محبوب پرستي، خود پرستي توڙي پئسي، ڌن ۽ دولت پرستي اچي وڃن ٿيون پر تنهن هوندي به انهن سڀني تي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين قائدا قانون لاڳو ڪيا ويا آهن، تنهنڪري انهن جا ايترا منفي اثرات نٿا پون جيترا مٿين پرستشن جان پون ٿا.وطن پرستي، ديش پرستي، قوم پرستي جيئن ته بظاهر تمام سٺا ۽ دلفريب اصطلاح آهن پر انهن تي غور ڪبو ته ڪجهه مفاد پرست ۽ مڪروهه ذهن رکندڙماڻهو اهڙن سٺن ۽ مثبت نظرين کي منفي انداز ۾ پيش ڪري عام ماڻهو جو ساهه سڪائي ڇڏين ٿا ۽ ان سان عام ماڻهو توڙي عالمي ڀائيچاري کي ڪاپاري ڇيهو رسيو آهي. هن ۾ پنهنجي وسن، ديس سان حب الوطني، پنهنجي ذات، نسل، قبيلي سان محبت سان گڏو گڏ مخالف ماڻهو جي ملڪ، قوم، وطن توڙي اڳلي جي حسب نسل کي گهٽ وڌ ڳالهائي، سندس بيعزتي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهيو وڃي ٿو. ساڳي طرح سان تاريخ ۾ موجود هر علم، هر فلسفي هر چڱي شي توڙي هر مٺي(بري) شئ پوري عالم انسانيت جي اربين ماڻهن ۽ انهن جي اربين سالن جي مسلسل ڪاوشن جي پيداوار آهي، تنهنڪري اسان ڪنهن به سٺي ڳالهه تي صرف هڪڙي خاص ماڻهو جو ذاتي حق نه ٿا جتائي سگهون، نه ئي ڪنهن بڇڙائي تي ڪنهن هڪ خاص فرد کي ڏوهي ٺهرائي سگهجي ٿو. هن گولي تي پلجندڙ عالم انسان جي هيتري ڪاميابي جو سهرو پوري انساني تاريخ جي هر فرد کي ٻڌي سگهجي ٿو، انهن ڪيترن گمنام ماڻهن کي سرخ سلام پيش ڪري سگهجي ٿو جن سڀ کان پهرين اڳين پيرن کي گهمڻ بدران هٿ بڻائي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ان فرد جي عظمت تي لکين سلام جنهن پهريون ڀيرو ٻج پوري پهريون سلو پوکيو، ان قوم تي ڪروڙين دعائون جنهن ڦيٿو ايجاد ڪيو، اهو انسان سچ پچ ڪيڏيون نه کيرون لهڻي، جنهن مٿي جي سور جي گوري، ڪنهن موذي مرض جي ويڪسين ايجاد ڪئي. اچو ته اهڙن سڀني عالم انسانيت جي محسنن کي گڏجي سرخ سلام پيش ڪيون.ڇوته هي ماڻهو نه صرف منهنجي پنهنجي نسل جو آهي پر منهنجي جنس انسان ته آهي، دنيا جي هر ملڪ سان اوتري محبت ڪجي ڇوته اهو منهنجي هن ڌرتيء جو حصو آهي، نه صرف مان هن ڌرتيء سان محبت ڪيان ٿو پر مان پوري ڪهڪشان سان پيار ڪيان ٿو ان کان علاوهه پوري ڪائنات سان بي انتها پيار ڪيان ٿو ڇو ته مان پاڻ ان ئي ڪائنات جو حصو آهيان ۽ اها پوري ڪائنات منهنجي آهي ۽ مان ئي ڪل ڪائنات آهيان.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *