| پروموشن، پينشن، رٽائرمينٽ: ڪراچي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو احتجاج |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام يونين پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ بشریٰ آرائين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ وڏي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز شرڪت ڪئي.مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ليڊي هيلٿ ورڪرز جا جائز حق ۽ مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن. ورڪرز جو چوڻ هو ته کين ڪيترن سالن کان پروموشن، پينشن، ريٽائرڊمينٽ ۽ سروس اسٽرڪچر فراهم نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته هو مسلسل ميدان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ورڪرز جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي محنت ۽ خدمت جي تعريف ڪرڻ بجاءِ اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سپروائزرن لاءِ پيٽرول جو بند هجڻ، ميڊيسن اسٽورن لاءِ خالي پيل جايون نه ڀرڻ ۽ انتظامي لاپرواهي سبب ڪم وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. اُنهن جو چوڻ هو ته ويڪسينيشن مهم به اڻ تجربيڪار ماڻهن کان ڪرائي پئي وڃي، جنهن سان نه رڳو مهم متاثر ٿي رهي آهي پر عوامي صحت پڻ خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.ظاهرين چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کي بار بار آگاهه ڪرڻ باوجود ڪو به عملي قدم نٿو کنيو وڃي.احتجاج دوران ورڪرز مطالبو ڪيو ته سندن جائز حقن کي فوراً تسليم ڪيو وڃي، سروس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي، پروموشن ۽ پينشن جا عمل مڪمل ڪيا وڃن ۽ ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.