پروهاڪي ليگ ۾ پاڪستان کي ٻي شڪست

پروهاڪي ليگ ۾ پاڪستان کي ٻي شڪست

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ارجنٽائن ۾ جاري پرو هاڪي ليگ ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم کي ٻي ميچ ۾ ميزبان ٽيم هٿان 3-2 تان شڪست ملي. پهرئين رائونڊ جي ٻي دلچسپ ميچ ۾ ڪپتان عماد بٽ 36 هين منٽ ۾ پاڪستان لاءِ ۽ رانا وليد 45 هين منٽ ۾ گول ڪيا. ارجنٽائن لاءِ ٽامس، نڪولس ۽ ميڪا هڪ هڪ گول ڪيو. پاڪستان پنهنجي ٽين ميچ 13 ڊسمبر تي هالينڊ خلاف کيڏندو، جڏهن ته چوٿين ميچ 15 ڊسمبر تي ميزبان ارجنٽائن خلاف هوندي.