لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) لاهور جي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار چوڌري پرويز الاهي خلاف جسماني رمانڊ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي
ايف آءِ اي پرويز الاهي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو، چوڌري پرويز الاهي کي جڊيشل ماجسٽريٽ لاهور جي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي
گذريل ڏينهن اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاهور پرويز الاهي جي ضمانت ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پرويز الاهي طرفان 10 هزار رپين جا مچلڪا جمع نه ڪرائڻ سبب سندس آزادي ممڪن نه بڻجي سگهي، ايف آءِ اي فوري طور پرويز الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرايو، اڄ ايف آءِ اي پرويز الاهي کي آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو
ايف آءِ اي اختيارين موجب پرويز الاهي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي آهي