پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد: گرفتار ٿيڻ جو امڪان

مَي 11, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، اي ٽي سي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي دوران پوليس تي پئٽرول بم اڇلائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اڳوڻي وڏي وزير جي عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبوري ضمانت تي فيصلو ٻڌايو ۽ پرويز الاهي جي هڪ ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي خلاف غالب مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

Leave A Comment