پرويز الاهي لاهور مان ضمانت تي آزاد ٿيندي ئي وري گرفتار

جُون 2, 2023

لاهور: (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي جي صدر پرويز الاهي کي لاهور مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

اڳوڻي وڏي وزير کي اينٽي ڪرپشن پوليس لاهور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي پر عدالت رد ڪري ڇڏي

عدالت پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد اينٽي ڪرپشن پوليس کي آزاد ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ جو صدر جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته گجرانوالا پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب کيس ڪرپشن جي ڪيس ۾ داخل ڪيو ويو آهي

ان کان اڳ ڪالهه چوڌري پرويزالاهي کي اينٽي ڪرپشن پوليس گلگت بلتستان ويندي گرفتار ڪيو هو، هو پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته پوليس سندس گاڏي روڪي کيس گرفتار ڪري ورتو هو

Leave A Comment