پشاور (پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ پرويز خٽڪ پاران سياسي پارٽي ٺاهڻ جي تياري آخري مرحلي ۾داخل ٿي وئي آهي
ذريعن موجب شاهه فرمان ۽ شوڪت يوسفزئي سوڌو 4 اڳواڻ پرويز خٽڪ سان سياسي معاملا طئي ڪري رهيا آهن جڏهن ته محمود خان سان پرويز خٽڪ رابطو ڪيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو
ذريعن موجب نئين پارٽي جي فيصلي کان اڳ پرويز خٽڪ نواز ليگ ۾ وڃڻ لاءِ رابطا ڪيا هئا پر نواز ليگ پاران کيس پارٽي ۾ کڻڻ کان انڪار ڪيو ويو
نواز ليگ جي انڪار کانپوءِ اڳوڻي وزيراعليٰ ڪي پي پرويز خٽڪ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، پرويز خٽڪ ڪي پي جي 13 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سان به رابطا ڪيا هئا
پي ٽي آءِ جي 6 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن ساٿ ڏيڻ کان معذرت ڪئي جنهن بعد پرويز خٽڪ پاران فواد چوڌري سان به رابطو ڪيو ويو
پرويز خٽڪ پاران نئين پارٽي لاءِ رابطا جاري آهن، هن 50 اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سان رابطا هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزير دفاع پرويز خٽڪ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي هئي
پي ٽي آءِ پاران پرويز خٽڪ کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ بعد جواب نه اچڻ تي پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي هئي