پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

جُولاءِ 14, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جا نامزدگي جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل ٻڌڻيءَ جي لاءِ مقرر ڪئي وئي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال  جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ 20جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندي،  جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي به بئنچ جو حصو هوندا

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا، 2013ع ۾ نامزدگيءَ جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اڳوڻي صدر پرويز مشرف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي

Leave A Comment