اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي اپيل سندس موت کان 6 مهينن بعد خارج ڪري ڇڏي آهي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پرويز مشرف جي اپيل تي ٻڌڻي هلائي، عدالت اپيل کي غير موثر قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته درخواستگذار فوت ٿي چڪو آهي، 2013ع جي عام چونڊن ۾ نا اهلي کي چيلنج ڪيو ويو هو، 2013ع جي اسيمبلي مدت به ختم ٿي چڪي آهي
پرويز مشرف 2013 جي چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، 10 سالن دوران سندس اپيل تي رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻي ٿي
پرويز مشرف جي موت کان 6 مهينن بعد عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو، پرويز مشرف 2013ع جي چونڊن ۾ چترال تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جيڪي رد ڪيا ويا هئا