| پروٽيز جي فاف ڊوپليسس ايندڙ سال آءِ پي ايل نه پي ايس ايل کيڏندو |
جوهانسبرگ(م ڊ) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي بيٽسمين فاف ڊو پليسس 2026ع ۾ آءِ پي ايل بدران پي ايس ايل کيڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آئي پي ايل ۾ 14 سيزنون کيڏڻ کان پوءِ، مون فيصلو ڪيو آهي ته هن سال نيلامي ۾ پنهنجو نالو نه وجهان. اهو هڪ وڏو فيصلو آهي. هي ليگ منهنجي ڪرڪيٽ سفر جو هڪ وڏو حصو رهي آهي. مان خوش قسمت رهيو آهيان ته عالمي معيار جي ساٿين سان گڏ کيڏيس هندستان مون کي دوستيون، سبق ۽ يادون ڏنيون آهن جن مون کي هڪ ڪرڪيٽر ۽ هڪ شخص طور مضبوط بڻايو. هندستان جو منهنجي دل ۾ هڪ خاص مقام آهي، ۽ هي يقيني طور تي الوداع ناهي – توهان مون کي ٻيهر ملندا. هن چيو ته هن سال مون هڪ نئون چئلينج قبول ڪرڻ جو انتخاب ڪيو آهي ۽ ايندڙ پي ايس ايل سيزن ۾ کيڏندس. هڪ نئون ملڪ، هڪ نئون ماحول، هڪ نئون چئلينج، مان پاڪستان جي مهمان نوازي جو منتظر آهيان. آئي پي ايل 2025 ۾ ڊو پليسس دهلي ڪيپيٽلز لاءِ نو ميچن ۾ 202 رنسون ٺاهيون هو چنائي سپر ڪنگز، رائل چئلينجرز بنگلورو ۽ رائزنگ پوني سپر جائنٽس لاءِ کيڏي چڪو آهي. ڊو پليسس اڳ ۾ پي ايس ايل ۾ کيڏي چڪو آهي، 2019 ۽ 2021 جي وچ ۾ پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ ڇهه ميچون کيڏيون