پريالوءِ جي ڪچي ۾ الرا-جتوئي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو: ڇتي فائرنگ: 4 ڄڻا قتل: 5 کان وڌيڪ زخمي

پريالوءِ جي ڪچي ۾ الرا-جتوئي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو: ڇتي فائرنگ: 4 ڄڻا قتل: 5 کان وڌيڪ زخمي

پيرجوڳوٺ/پريالوءِ(رپورٽ: بلاول جوڻيجو + عمران علي اوڍو) پريالوءِ جي ڪچي ۾ الرا – جتوئي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، 4 ڄڻا مارجي ويا، واٽهڙو سميت 5 زخمي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، الرا جاگير جي ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن وچ ۾ سنڌو درياءَ ڪناري ڪيترائي ڪلاڪ ڇتي فائرنگ هلندي رهي، گوليون لڳڻ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 5 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فائرنگ علائقي واسي پنهنجي گهرن ۾ لڪي ويا، گوليون لڳڻ سبب ماجد پٽ علي بخش الرو، گلڻ پٽ راحب الرو ۽ ڌڻي بخش پٽ اميد علي الرو قتل ٿي ويا، جڏهن ته جتوئي ڌر جو اعظم پٽ الاهي بخش جتوئي به فائرنگ ۾ مارجي ويو، زخمين ۾ الرا ڌر جا نسيم پٽ منٺار الرو، رحيم پٽ اميد علي الرو ۽ واٽهڙو ڳوٺ محمود اوڍو جو رهواسي اسحاق پٽ محمد مراد اوڍو شامل آهن، مقامي ماڻهن موجب، فيض محمد ٻندو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ تي دير سان پهتي، جنهن سبب جاني نقصان ٿي ويو، ٻن ڌرين ۾ ٽن ورهين کان تڪرار هلندڙ آهي، ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جو چوڻ هو ته فائرنگ جي اطلاع تي پوليس فوري طور تي پهچي وئي، مقابلي دوران جوابدار اعظم جتوئي مارجي ويو آهي، ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ بعد ۾ ڳوٺ شير محمد جتوئي ۾ وڏو آپريشن ڪيو ويو، جتي پوليس جوابدارن جا ٺڪاڻه ۽ خالي گهرن کي باهيون ڏئي ڊاهي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هو ته قتل ۾ ملوث جوابدار فرار ٿي ويا آهن، سرچ آپريشن جاري آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
 

زمين تي بيٺل هئاسين ته مخالفن حملو ڪيو:  الرا برادري

پريالوءِ: الرا برادري جي چڱي مڙس غلام عباس الرو جو چوڻ هو ته اسان ڪچي واري علائقي ۾ پنهنجي زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ڪري رهيا هئاسين ته جتوئي ڌر جي هٿياربندن بنا جواز حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اسان جا 3 نوجوان قتل ٿي ويا آهن.
 

پوليس طرفان جوابدارن جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

پريالوءِ: الرا-جتوئي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد پوليس طرفان آپريشن ڪري هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي چيو ته مقابلي ۾ جوابدار اعظم جتوئي مارجي ويو آهي، پوليس پاران ڳوٺ شيرمحمد جتوئي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدارن جا جي گهرن ۽ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن، قانون هٿ ۾ کڻندڙ سان رعايت نه ڪئي ويندي.
 

سڱاوتي تان ڌرين ۾ تڪرار: 8 ڄڻا مارجي چڪا

پريالوءِ: الرا-جتوئي ڌرين گذريل ٽن ورهين کان تڪرار جاري آهي، جھيڙن ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي چڪا آهن، اجڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمين ۾ به شامل آهن، ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ کانپوءِ ڇڪتاڻ برقرار آهي، ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن.