پريالوءِ: قتل ٿيل ٻن ڄڻن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي

جُون 26, 2025

پريالوءِ (پنهنجي ڊيسڪ )الرا -جتوئي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي تدفين، جوابدار گرفتار نه ٿيا، پريالوءِ ويجهو الرا – جتوئي تڪرار تان گذريل ڏينهن قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي جنازي نماز بعد  لاش مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پهلوان الرو ۽ ولي محمد الرو جي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته  پوليس هن وقت تائين قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، انصاف فراهم ڪيو وڃي، واضح رهي ته جتوئي – الرا تڪرار تان 3 ڄڻا قتل ۽ 5 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا  آهن .

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل