پريالوءِ ويجهو ڊوڙ جو مقابلو، پوزيشن هولڊرز کي انعام

پريالوءِ ويجهو ڊوڙ جو مقابلو، پوزيشن هولڊرز کي انعام

پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ امان الله اوڍو ۾ ڊوڙ جو  مقابلو ٿيوجنهن ۾ علائقي جي رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقابلي ۾ پهرين پوزيشن فرمان علي اوڍو حاصل ڪئي، جنهن کي ويهه هزار رپيا ڪيش انعام ڏنو ويو، جڏهن ته ٻي پوزيشن تي ارشد علي کي ڏهه هزار رپيا ڪيش انعام مليو. آرگنائيزر عبدالقدير اوڍو چيو ته اهڙيون صحتمند راندين واريون سرگرميون نوجوانن کي منفي عادتن کان پري رکي مثبت ۽ تعميري رستن ڏانهن آڻين ٿيون.