پريالوءِ ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان گوليون هڻي قتل

پريالوءِ ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان گوليون هڻي قتل

پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد، ڪوٽ ميرمحمد شهر ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ هٿياربندن ناري الهوڙائي شر کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد، ڪي ٽي زمان شاهه واري علائقي ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان غلام حسين تيغاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ان حوالي سان فيض محمد ٻنڊو ۽ عبدالرحمان انڙ ٿاڻن جي پوليس موجب ٻنهي واقعن ۾ شر برادري سان تعلق رکندڙ هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.