پريالوءِ ڀرسان ڪچي ۾ مبينا مقابلو: 50 لک انعام يافته ڏوهاري مارجي ويو، اهلڪار زخمي

ڊسمبر 6, 2024

خيرپور/پريالوءِ (نمائندن وٽان) پريالوءِ ڀرسان ڪچي ۾ جوابدارن جي موجودگي واري اطلاع تي پهتل پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، 64 ڪيسن ۾ گهربل 50 لک انعام يافتا ڌاڙيل مارجي ويو، سندس لاش ساٿي کڻي ويا، گولي لڳڻ سبب اهلڪار زخمي، خبر موجب ڪچي واري علائقي ڳوٺ علي مراد جمالي ڀرسان جوابدارن جي موجودگي واري اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار سائين بخش عرف سائين ڏنو ناريجو مارجي ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪار صدام حسين سولنگي زخمي ٿي پيو، مارجي ويل جوابدار جو لاش سندس ساٿي کڻي فرار ٿي ويا، زخمي ٿيل پوليس اهڪار کي سول اسپتال خيرپور نيو ويو، واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ پوليس نفري ساڻ ڪري ڪچي واري علائقي ۾ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آهي، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري 64 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ مٿس 50 لک انعام جي سفارش ٿيل هئي، ايس ايس پي پوري ٽيم لاءِ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ جو اعلان ڪيو آهي، هوڏانهن واقعي بعد پوليس جي سرچ آپريشن سبب ڪچي جا رهواسي پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

Leave A Comment