پريالوءِ ۾ بجلي ڪاٽڻ تان جوابدار جي سيپڪو آفيس تي فائرنگ

مَي 22, 2023

پريالوءِ (ن پ ا):  ايس ڊي او سيپڪو پريالوءِ عملي کي ساڻ ڪري پريالوءِ ۾  بجلي چورن خلاف ڪاروائي ڪندي غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽرائي واپس آفيس پهتو ته هڪ جوبدار ٽي ٽي پسٽل کڻي سيپڪو آفيس پهچي ايس ڊي او سيپڪو پريالوءِ ۽ ٻئي عملي کي دمڪيندي  هوائي  فائر ڪيا   ته توهان منهنجي گهر جي بجلي ڇو ڪاٽي آهي  فائرنگ بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي رهيو هو ته سيپڪو عملي کيس سوگهو ڪري ورتو ۽ کيس مارڪٽ ڪندي پوليس کي اطلاع ڪيو  سوگهو ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ 17 سالا شفيق ولد محمد صديق نوحاڻي طور تي ٿي  جنهن دوران سوگهو ڪيل جوابدار جي ماء قرآن پاڪ کڻي سيپڪو آفيس پهچي ايس ڊي او سيپڪو پريالوء سيد شاهد حسين شاهه ۽ سيپڪو يونين پريالوء جي چيئرمين  افتخار علي سومرو کي قرآن پاڪ جا واسطا ڏيندي چيو ته منهنجي پٽ   ڀنگ جو موالي هئڻ سبب سندس دماغي توازن درست ڪونه آهي ۽ هو مسڪين آهن پٽ کي هن قرآن جي واسطي معاف ڪيو جنهن تي ايس ڊي او سيپڪو سب ڊويزن پريالوء  ۽ سيپڪو يونين جي چيئرمين قرآن پاڪ کي مان ڏيندي جوابدار کي معاف ڪري کيس ڇڏي ڏنو.

Leave A Comment