پريالوءِ ۾ پوليس اهلڪار تشدد ڪري پورهيت نوجوان جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏيو

آگسٽ 18, 2023

پريالوءِ ( ن پ ا ) پريالوءِ ڀرسان پوليس اهلڪار تشدد ڪري مسڪين پورهيت نوجوان جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏيو، نوجوان جي امڙ پوليس اهلڪار خلاف احتجاج ڪيو

نوجوان جي وارثن امڙ خورشيده بي بي، ناني شبيران خاتون ۽ ڀاءُ آصف ملڪ صحافين آڏو دانهيو ته نوجوان عاطف علي ملڪ ڳاڙهي موري پل  وٽ بيٺو هو ته پريالوءِ ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ذوالفقار بناجواز پڪڙي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، ڪنڌ ۾ هٿيار جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو

وارثن موجب نوجوان کي علائقي واسين کيس کڻائي مقامي اسپتال  پهچايو جتي علاج بعد ڊاڪٽر پاران سندس ڪنڌ ڀڳل هئڻ جي تصديق ڪئي وئي

مظاهرين وڌيڪ دانهيو ته  تشدد سبب اسان جو نوجوان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي، نوجوان بيماري جي بستري تي پيل آهي، اسان مسڪين ۽ غريب آهيون، علاج جا به پئسا ناهن، ڊي آءِ جي سکر ۽ آءِ جي سکر اسان سان انصاف ڪن، پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

Leave A Comment