| پريالوءِ ۾ 3 مينهون ڦر، ڌنار اغوا، راڄوڻي بعد بازياب |
پريالوءِ(ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان الراجاگيرجي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ الرا-جتوئي تڪرار تان هٿياربندن چوپايو مال چاريندڙ ڳوٺ ڌڻي بخش بادلاڻي الرو جي رهواسي غلام اصغرپٽ جاڙل الرو کي يرغمال بڻائي 3 ميهون ڦر ڪيون، چڱي مڙس حافظ غلام عباس الرو جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي جتوئي ڌر جا هٿياربندن اغوا ڪري ويا آهن، جوابدار مينهون به ڪاهي ويا آهن، هوڏانهن ڄاڻايل علائقي ۾ رهندڙ اوڍا برادري جي معززن پاران جتوئي برادري جي معززن سان مداخلت ڪري اغوا ڪيل نوجوان کي آزاد ڪرائي ڇڏيو.