پرياڪماري سميت مغوي ٻارڙا بازياب ڪرايو: سکر ۾ سول سوسائٽي جو مارچ

آگسٽ 3, 2023

سکر(رپورٽر)سکر مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري سميت ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جسقم ۽ سول سوسائٽي طرفان پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس سکر  تائين پيادل مارچ ڪيو ويو

 شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ نڪتل پيادل مارچ جي اڳواڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرڪش ناياب، پنهل ساريو، فقير ارشاد منگي، شائسته کوسو ۽ ٻين ڪئي

 ريلي ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، معصوم صدام شيخ کي بازياب ڪرايو، معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرايو، سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪريو، سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ خلاف نعريبازي ڪئي

 اڳواڻن جو چوڻ هو ته معصوم پريا ڪماري جي اغوا کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن  پر ڪو تحرڪ ناهي ورتو، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پريا جي واپسي لاءِ 10 محرم تائين مهلت ورتي هئي جيڪا به مڪمل ٿي وئي آهي پر معصوم پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرايو ويو

هنن چيو ته آءِ جي سنڌ سميت پوليس آفيسرز سياسي هائوسن جي نوڪري سچائي سان ڪندا آهن پر سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهن، ڌاڙيل ڪلچر کي هٿ وٺي مضبوط بڻايو ويو آهي اڳواڻن چيو ته غريبن جي ٻارڙن، مردن ۽ عورتن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ڪڏهن به ڪنهن وڏيري، جاگيردار، ڀوتار، وفاقي، صوبائي وزيرن جي اولادن کي اغوا ناهي ڪيو ويو، رياست شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي

هنن چيو ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟سنڌ جون سرحدون ڪمزور ڇو آهن، پ پ، سردارن، وڏيرن ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ آهي، 15 سالن کان پ پ سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ڪري ڇڏي آهي، معصوم پريا ڪماري سميت 40 کان وڌيڪ سنڌي اغوا ٿيل آهن

اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي غيرموجودگي ڪري سندس طرفان ڊي ايس پي سٽي انور شيخ 20 آگسٽ تائين مهلت ورتي وئي، جنهن جي خاطري تي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪندي اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن پريا ڪماري بازياب نه ٿي ته 21 آگسٽ تي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقت ۽ حالتن مطابق آئيندا جو لائحه عمل جوڙيو ويندو

Leave A Comment