| پريا بابت بيان واپس، اليڪشن ۾ مار ڌاڙ سٺو سنئوڻ ناھي: مخدوم جميل |
مٽياري (رپورٽر) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مٽياري مخدوم جميل الزمان چيو آھي ته ڪشمير اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو ڪارڪن شھيد ٿيو آھي جنھن جي مذمت ڪيون ٿا اليڪشن ۾ مار ڌاڙ سٺو سنئوڻ ناھي اسان جو مطالبو آھي ته اليڪشن صاف شفاف ٿيڻ گھرجي. هن اهڙو اظهار پنهنجي سالگرھ جي حوالي سان ٿيل پروگرام دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان جي سالگرھ جو ڪيڪ به ڪٽيو ويو مخدوم جميل الزمان جو چوڻ ھو ته پريا ڪماري جي اغوا کي گھڻو وقت ٿي ويو آھي اسان جي دعا آھي ته ھاڻي نياڻي کي بازياب ٿيڻ گھرجي پريا ڪماري لاء ميڊيا به تمام گھڻو آواز اٿاريو آھي ناصر شاھ به سٺو بيان ڏنو آھي سڀ ميمبر قابل عزت آھن آئون پنھنجو بيان واپس ٿو وٺان باقي پريا ڪماري جو آواز ھاڻي ھاءِ ليول ٿي اٿي ويو آھي پر اھو ھاڻي ختم نه ٿيڻ گھرجي