پريا جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن: مراد شاهه 

پريا جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن: مراد شاهه 

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته ڪربلا جو پيغام اهو آهي ته مسلمان سدائين سچ ۽ حق تي ثابت قدم رهن ۽ ڪنهن به چڱي ڪم لاءِ سِر جو ٻليدان (قرباني) ڏيڻ کان ڪنڌ نه ڪڍن.  اسان کي حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، 10 محرم جي جلوس  ۾شرڪت وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هيل محرم الحرام دوران 3 افسوسناڪ واقعا پيش آيا  ڪراچي ڊفينس ۾ هڪ گاڏي حادثاتي طور  امام بارگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿيم شڪارپور ۾ بجلي جي تارن سان علم ٽڪرائجڻ سبب ڪجهه عزادار شهيد ٿيا، روهڙيءَ ۾ شمعِ گل جي جلوس دوران پڻ 4 عزادار جان جي بازي هارائي ويا. پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ بابت هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجون ڪوششون جاري رکندا  پيا اچن پر هوءَ اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهي.