پريا ڪماريءَ جي اغوا کي 3 سال 10 مهينا مڪمل  

جُون 9, 2025

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) هي عيد به پريا ڪماريءَ جو خاندان پنهنجي نياڻيءَ ساريندي گذاريندو. سنڌ حڪومت، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ  پاران واعدا، يقين ڌيانيون ۽ اعلان اعلان ئي رهجي ويا. 3 سال 10 مهينا گذرڻ وڃڻ باوجود معصوم پريا ڪماريءَ کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، معصوم نياڻيءَ جي جيجل امڙ، والد، خاندان توڙي هندو برادريءَ ۾ بيچيني ۽ پريشاني برقرار. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر به معصوم نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا. پر هن وقت تائين ڪيس ۾ ڪا به تسلي بخش اڳڀرائي نه ٿي سگهي. رپورٽ موجب سکر ضلعي جي سنگرار واري علائقي سان تعلق رکندڙ معصوم پريا ڪمار ڌيءَ راجو مل  عرف راجڪمار کي 19 آگسٽ 2021ع (10 محرم الحرام) عاشور واري ڏينهن ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ ماتمي جلوس جي عزادارن لاءِ گھر جي چند قدمن جي مفاصلي تي لڳايل سبيل تان نامعلوم جوابدار اغوا ڪري فرار ٿي ويا. معصوم نياڻيءَ جي والد راجو مل جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف پريا ڪماريءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پريا جي اغوا کي 3 سال 10 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ هن وقت تائين مڪمل طور تي ناڪام آهي. ڪجهه مهينا اڳ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهائيندي دعوي ڪئي هئي ته پريا ڪماري زندا آهي، جيڪا بلوچستان جي چولستان واري علائقي ۾ موجود آهي جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اهڙي طرح اڳوڻي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه، موجوده ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ توڙي ٻين آفيسرن پريا ڪماري جي والدين کي خاطري ڪرائي آهي ته پريا ڪماري زندا آهي جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. اهڙن بيانن بعد پريا ڪماري جي امڙ ۽ والد، گهر ڀاتين، هندو برادري جي بيچيني ۾ اضافو ٿي ويو آهي. خاص ڪري جيجل امڙ جيڪا ساڍن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي نياڻيءَ جي جدائي جو صدمو برداشت ڪري رهي آهي ۽ هي عيد به هن پنهنجي نيانيءَ کان بغير سڏڪن سان گذاري آهي. معصوم پريا جي امڙ پنهنجي نياڻيءَ جي خيريت، صحي سلامت واپسيءَ جي تڪليف ڏيندڙ انتظار ڪري رهي آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پريا ڪماريءَ جي زندا هجڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته پريا ڪماري زندا آهي ۽ هو هن وقت پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ آهي، جنهن جي جلد بازيابي عمل ۾ اچي ويندي، پر عملي طور تي هن وقت تائين نياڻي متعلق ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو. هندو پنچائت، پريا ڪماريءَ جي والدين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي اپيل ڪئي آهي ته پريا ڪماريءَ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

پريا ڪماريءَ کي  سبيل هلائيندي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ کي ستن ورهين جي عمر ۾ امام حسين عه جي سبيل هلائيندي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، والدين لڳ ڀڳ هڪ سال تائين سنگرار ويجهو هڪ درگاهه تي رهائش اختيار ڪئي هئي، پريا جو پتو نه پوڻ تي راجڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ سنگرار ۾ واقعي اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ بعد سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. معصوم پريا ڪماري کي ستن ورهين جي عمر ۾ اغوا ڪيو ويو هو جيڪا هن وقت 10 ورهين جي عمر ۾ پهتي آهي. پريا ڪماريءَ جي اغوا کانپوءِ پريشان والدين سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھ درگاھ سان عقيدت هجڻ ڪري لڳ ڀڳ هڪ سال تائين نياڻيءَ جي خيريت سان واپسيءَ لاءِ درگاهه تي رهائش اختيار ڪئي. جنهن کانپوءِ راجڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ سنگرار ۾ واقع پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي.

حڪومت ۽ پوليس ٺلها دلاسا ڏنا آهن: امڙ روينا ڪماري

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پوليس ٺلها دالاسا، آسرا ڏنا آهن پر منهنجي نياڻي هن وقت تائين واپس ناهي موٽي، ڪڏهن حڪومت چوي پئي ته پريا جي خبر پئجي وئي آهي ته ڪڏهن چوي ٿي ڪوشش ڪريون ٿا، اسان ته پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر آسرا، دلاسا ۽ خاطريون ئي مليون آهن، ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران گهرو وزير ملاقات ڪري خاطري ڪرائي پر اُن جو به ڪو نتيجو نه نڪتو. منهنجي نياڻيءَ کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. خبر ناھي منھنجي جڳر جو ٽڪرو ڪھڙي حالت ۾ آھي ڪنھن وٽ آھي. پريا جي امڙ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ کان هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته منهجي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي. پريا ڪماري جي والد راجو مل چيو آهي ته نياڻي جي بازيابيءَ لاءِ ڪو دروازو ناهي بچيو جيڪو مون ناهي کڙڪايو، سکر جي سياستدانن جي هائوسن ڏانهن ڪافي ڀيرا ويو آهيان، هر ايندڙ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪئي آهي جن دلاسا ۽ آسرا ئي ڏنا آهن. منهنجي گهر واري نياڻيءَ جي واپسي جي منتظر آهي. مسلمانن جي عيد هجي يا هندن جا تهوار هجن اسان خوشيءَ سان ملهائيندا آهيون پر نياڻيءَ جي اغوا کان پوءِ اسان جون خوشيون ختم ٿي ويون آهن.

 سيد خاندان سان تعلق رکندڙ 40 ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ويو

سکر: اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي بازيابي سنڌ پوليس لاءِ چئلينج بڻيل. مختلف وقتن تي ساک رکندڙ آفيسرن تي مشتمل ٽيمون به نتيجا نه ڏئي سگهيون. موجودا جاچ ٽيم جو سربراهه پريا جي اغوا ٿيڻ وقت پوليس جي روايتي سستي جو به اعتراف ڪري چڪو آهي. پريا ڪماريءَ جي اغوا واري واقعي کانپوءِ چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ معامري جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، جنهن بعد آءِ جي سنڌ طرفان ايس ايس پي امجد احمد شيخ، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي عرفان احمد سمون تي مشتمل ڪاميٽي قائم ڪئي ھئي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪجهه مهينا اڳ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران پراڻي ڪميٽي کي ختم ڪري ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهيءَ ۾ پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ٽيم جوڙي جنهن ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. پريا ڪماريءَ متعلق پوليس رپورٽ موجب پريا ڪماري 19 آگسٽ 2021 تي پراسرار نموني گم ٿي وئي، ٽن ڏينھن بعد پريا ڪماري جي والد جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي قلم 364 ۽ 34 پي پي سي تحت گناھ نمبر 13/2021 تحت ڪيس داخل ٿيو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پريا ڪماري جي ڳولھا شروع ڪئي، انسپيڪٽر، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي سطح تي ڪيس جي جاچ ڪئي وئي. گھرو وزارت پاران ڊي آءِ جي جي نگراني ۾ جي آءِ ٽي ھن وقت ڪيس جي جاچ ڪري رھي آھي. پوليس ٽيمن  سنگرار جي آس پاس 415 گھرن جي تلاشي ورتي. پوليس پاران 1030 شڪي ماڻھن کان پريا ڪماري متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي. سبيل پوائنٽس تي موجود 170 ماڻھن کي چيڪ ڪيو ويو. سنگرار ۽ ويجھو ڳوٺن ۽ علائقن جي ڊرون ذريعي نگران ڪئي وئي. شڪي جاين، نالن، تلائن جي چيڪنگ ڪئي وئي. سنگرار جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ 40 ماڻھن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. 300 کان وڌيڪ ويجھن گھرن ۽ آس پاس وارن علائقن جي کوجي ڪتن ذريعي تلاشي ورتي وئي، ويجھن تلائن، خالي پيل عمارتن جي تلاشي ورتي وئي، علائقن جي جيو فينسنگ ڪري ڪيترن ئي شڪي مانھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، مزارن، درگاھن ۽ مندرن جي تلاشي ورتي وئي، لاپتا ٻارڙي جي ڳولھا جي لاءِ ھندو برادري سميت مقامي معزز ماڻھن سان ملاقات ڪئي وئي. ضلعي جي خانا بدوش ۽ پينو فقيرن جي رھاش گاھن جي تلاشي ورتي وئي، پوليس شڪارپور جي ڪچي واري علائقي م ڇاپا ھنيا، سنڌ جي مختلف علائقن کان علاوھ پنجاب جي رحيم يار خان، صادق آباد، بھاولپور ٻين علائقن ۾ ڳولھا ڪئي وئي، پريا ڪماريج ي ڳولھا لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اشتھار ڏنا ويا، ويجھن ضلعن، عوامي ھنڌن تي ٻارڙي جي گمشدگي متعلق پمپليٽ لڳايا ويا. پريا ڪماري متعلق اطلاع ڏيندڙ لاءِ 50 لک انعام پڻ رکيو ويو آھي. واضع رهي ته نينگريءَ جي مٽن، مائيٽن توڙي ويجھن عزيزن کي بہ جاچ ۾ شامل ڪري کين حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا ھئا، جنھن بعد ٻن شڪي ماڻھن جنھن ۾ نينگريءَ جو چاچو سريش بہ شامل ھيو، انھن جي پنجاب فارينزڪ ليب مان پولي گرافڪ ٽيسٽ بہ ڪرائي ھئي پر اِن باوجود ھن وقت تائين نينگريءَ جو ڪو بہ پتو ناھي پئجي سگھيو.

سوشل ميڊيا تي  معصوم پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مهم هلائي وئي

سکر: پوري سنڌ توڙي پاڪستان اندر مختلف وقتن تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ھندو برادري توڙي سياسي، سماجي، مذھبي توڙي سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاھرا پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پريا ڪماريءَ جون تصويرون کڻي اُن جي آزادي ۽ ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي معصوم پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مهم هلائي وئي جيڪا هلندڙ آهي، پر پوليس ھن وقت تائين پريا ڪماريءَ جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام آھي. نتيجي ۾ متاثر خاندان ۾ تمام گھڻي پريشاني، بيچيني واري لھر ڇانيل آھي. جڏھن تہ سول سوسائٽيءَ ۾ پڻ مايوسي واري لھر ڇانيل آھي. لنڊن ۾ سنڌين پاران معصوم پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

 ضياءَ الحسن لنجار جا پريا بابت وعده رڳو بيانن تائين محدود

سکر: هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال ماکيجا، هندو پنچائت روهڙي جي مکي وڪي ڪمار، سنگرار جي مکي واسو مل، صالح پٽ جي مکي اشوڪ ڪمار، پنوعاقل جي مکي تربداس، ڪنڌرا جي مکي واشو مل، باگڙجي جي مکي پرڪاش لال، چندر ڀان، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، هاسانند سچديوَ، جيئرام داس بختياپوري چيو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا کي 3 سال 8 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن، پهريان ته ڪنهن به قسم جي نشاندهي نه ٿيڻ ڪري اسان به مايوسيءَ جي ور چڙهي ويا هئاسين ته خبر ناهي پريا زنده به آهي يا نه. پر صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار اسيمبلي فلور تي بيان ڏنو هو ته پريا ڪماري زندا آهي ۽ جلد بازياب ڪرايو ويندو. اهڙي طرح ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ساک رکندڙ ايس ايس پي امجد احمد شيخ به پريا جي زندا هجڻ ۽ جلد بازيابيءَ جي دعوي ڪئي. پر افسوس هن وقت تائين پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرايو ويو. صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار کان سواءِ آهي ته جيڪڏهن پريا زندا آهي ته پوءِ هن وقت تائين هن کي بازياب ڇو ناهي ڪرايو ويو. هنن چيو ته پريا جي امڙ جي هنج ٽن سالن کان خالي آهي. امڙ پنهنجي نياڻي جي واپسي لاءِ واجھائي رهي آهي. هنن چيو ته پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن، ڪراچيءَ ۾ معصوم پريا جي امڙ جي اڳواڻيءَ ۾ تين تلوار وٽ ڌرڻو هنيو ويو. گهرو وزير خاطري به ڪرائي پر افسوس هن وقت تائين ڪا به جوڳي اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. نتيجي ۾ هندو برادري، معصوم پريا جي خاندان ۾ سخت مايوسي واري لهر ڇانيل آهي.

پريا ڪماريءَ جو پتو ناهي پئجي سگهيو

سکر: پرياءَ ڪماريءَ کي متعلق ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي..؟ پريا ڪيس ۾ صوبائي وزير توڙي پوليس آفيسرن پاران جيڪا اڳڀرائي ٿيڻ جي دعوي ڪئي پئي وڃي اُن متعلق هندو پچائت روهڙي جي مکي وڪي ڪمار جو چوڻ آهي ته سنگرار جي رهواسڻ هڪ عورت جنهن جي پنجاب ۾ شادي ٿي ان اچي کيس ٻڌايو ته هڪ نئين ڇوڪري کي هن پنجاب ۾ ڏٺو آهي، پريا جي تصوير ڏسڻ بعد هن تصديق ڪئي ته اِها ئي ڇوڪري آهي ۽ اُتي وڃي وڌيڪ تصديق ڪري ٻڌائڻ متعلق چيو. پر بعد ۾ اُن عورت پاران ڪا مثبت موٽ نه ملي ۽ صرف ايترو ٻڌايو ته جن وٽ ڏٺو هو اُهي هاڻي اُتي نٿا رهن. جنهن بعد اُن وقت جي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي اِن ڳالهه کان آگاهه ڪيو پر مناسب اڳڀرائي نه ٿي. ايس ايس پي امجد شيخ جي چارج وٺڻ بعد اِن ڳالهه کي سنجيدا ورتو ۽ پنجاب ۾ ڪاروائي ڪري اُن عورت کي گرفتار ڪري کڻي آيو. پر پوءِ به پريا ڪماريءَ جو پتو ناهي پئجي سگهيو.

سيد شاهد شاهه مٿان اغوا جا الزام سامهون آيا

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ جي اغوا متعلق سنگرار سان ئي تعلق رکندڙ سيد شاهد شاهه مٿان سوشل ميڊيا تي اهي الزام سامهون آيا ته پريا ڪماريءَ کي شاهد شاهه اغوا ڪيو آهي جنهن متعلق مختلف ڳالهيون ۽ الزام گردش ڪيا ويا پر اِن سموري معامري باوجود پوليس ڪو به قدم نه کنيو. شاهد شاهه معصوم پريا ڪماريءِ جي والد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته مٿس لڳل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن پريا منهنجي نياڻي آهي ۽ پهرين ڏينهن کان پريا جي والد ۽ هندو برادريءَ سان گڏ بيٺو آهيان.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب