پريا ڪماري اغوا ڪيس ۾ اڳڀرائي، ڪچي واسي جوابدار گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل
سيپٽمبر 10, 2024
سکر/گھوٽڪي (نمائندن وٽان) پريا ڪماري ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي، هڪ جوابدار گرفتار، پوليس ترديد ڪري ڇڏي، خبر موجب سکر پوليس گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي 6 بلاڪ جي رھواسي ڪرم سندراڻي کي سکر مان گرفتار ڪري ورتو، مختلف ڪيسن ۾ گھربل ڪرم سندراڻي کان پوليس سنگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري بابت جاچ ڪري آھي، ذريعن موجب ڪرم سندراڻي کي گرفتار ڪيل ھڪ ڏوھاري جي نشاندھي تي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن موجب گرفتار ٿيل ڏوهاري ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم سندراڻي جي نشاندهي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پوليس 4 ڏينهن اڳ ڪارروائي ڪري ڪرم سندراڻي کي گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن سکر پوليس جي ترجمان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري ڪيس ۾ جوابدار ڪرم سندراڻي کي گرفتار ڪرڻ واري خبر ۾ ڪا به سچائي ناهي پوليس جي تصديق بنا ان قسم جي خبر شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ترجمان موجب پريا ڪماري جي حوالي سان ڪا به ڪارروائي عمل ۾ ناهي آئي.