پريا ڪماري جي بازيابي ۽ جان محمد مهر قتل خلاف سکر ۾مارچ، ڌرڻو

سيپٽمبر 21, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) پريا ڪماري جي بازيابي،  جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ بدامني خلاف جسقم جو سکر ۾ پيادل مارچ،   ڊي آءِ جي آفيس آڏو ڌرڻو،  15 آڪٽوبر تي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو

  ان ڏس ۾  جسقم طرفان  بس ٽرمينل کان پيادل مارچ ڪري ڊي آءِ جي آفيس سامھون سکر_ شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اطھر سومرو، امجد مھيسر، پنھل ساريو، ناياب سرڪش، مومن سومرو، اشرف ڪلھوڙو، آصف مگسي ۽ ٻين ڪئي

ڌرڻي کي  صنعان  قريشي خطاب ڪندي چيو ته پريا ڪماري کي اغوا  ٿئي 22 مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، جنھن کي پوليس بازياب ناھي ڪرايو، سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي وئي آھي، اغوا، ڦورون، ڌاڙا ۽ ٻيون ڏوھي وارداتون ٿي رھيون آھن، صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو، معصوم نياڻين جي زندگي ۽ عزيتون محفوظ ناھن، اھا صورتحال انتھائي دل ڏکائيندڙ آھي

 هن چيو ته  جيڪڏھن سنڌي پوليس آفيسر سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجھي ڪم ڪن ته سنڌ جو امن امان واپس موٽائي سگھجي ٿو

صنعان قريشي اعلان ڪندي چيو ته 15 آڪٽوبر تي ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ حيدرآباد ۾ پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ حڪومت امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي، ان موقعي تي  ديدار شام، امجد مھيسر، ناياب سرڪش سنڌي، اطھر سومرو، ياسين مھر،  اشرف ڪلھوڙو، آصف رضا مگسي  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

Leave A Comment