سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته اقليتن سان ڪابه زيادتي برداشت نه ڪنداسين
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان سکر سرڪٽ هائوس ۾ هندو، ڪرسچن ۽ سک برادري جي وفد ملاقات ڪئي ان موقعي تي هندو برادري پاران پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون ويون
وڏي وزير ايس ايس پي سکر کي هر صورت ۾ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، هندو برادري جي شڪايت تي ايس ايس پي سکر وڏي وزير کي ٻڌايو ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي
نگران وڏي وزير چيو ته پريا ڪماري کي جلد بزياب ڪرايو وڃي، اقليتن سان ڪابه زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي هن مسيحي اسڪولن، چرچ جا مسئلا حل ڪري گردواري جي ڀرپاسي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئي
ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغاني ۽ ٻيا پرڏيهي 30 آڪٽوبر تائين صوبو ڇڏي وڃن، پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين خلاف سخت ڪارروائي شروع ٿي ويندي
نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران ٻئي ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن جا اوچتا دورا ڪيا ويا، نگران وڏي وزير راڻيپور ۾ سچل سرمست جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ بعد چيو ته درگاهه جي حالت زبون آهي، درگاهه جي مرمت لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو ويندو
نگران وڏي وزير گمبٽ پهچي گمس اسپتال جو دورو به ڪيو، لنگ ڪيئر سينٽر، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ ڊائلاسز سينٽر جو معائنو ڪيو، وڏي وزير مريضن کان علاج ۽ خوراڪ جي سهولتن بابت تفصيل معلوم ڪيا
گمس جو دورو ڪرڻ بعد نگران وڏو وزير سکر بيراج پهتو، کيس سکر بيراج جي جاري مرمتي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي
نگران وڏي وزير خيرپور جي سول اسپتال ۽ ناز سيڪنڊري اسڪول جو دورو به ڪيو، وڏي وزير اسپتال ۾ مريضن کان علاج جي سهولتن بابت معلومات ورتي، وڏي وزير جي دوري کان اڳ رستن تي بيٺل پاڻي صاف ڪيو ويو