پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو: قومي شاهراهه بند

پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو: قومي شاهراهه بند

ٻٻرلوءِ (ن پ ا) پريا ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پريا ڪماري، اُجالا سولنگي، صبا ڪلهوڙو، نويد لاشاري، آصفه مغل، خوشي مهر، ماجد لاشاري سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان گم ۽ اغوا ٿيل 23 معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ  ٽن ڪلاڪن تائين معطل رهي، ان موقعي تي پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ٻارڙن جي وارثن چيو ته پريا ايڪشن ڪميٽي شروعات ۾ صرف پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ٺهي هئي پر هاڻي سنڌ جي مختلف علائقن مان 23 گم ۽ اغوا ٿيل ٻارڙن جا ڪيس سندن سامهون اچي چڪا آهن. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کي هن سنگين انساني مسئلي بابت فوري ۽ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن، احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن جدوجهد مڪمل طور پرامن آهي ۽ معصوم ٻارڙن جي بازيابي تائين احتجاج جاري رهندو، ٻي طرف احتجاج دوران ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ۽ ايس ايس پي سکر اظهار مغل ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، اڳواڻن چيو ته احتجاجي ڪئمپ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين ساڳي هنڌ جاري رهندي، جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر گم ٿيل معصوم ٻارڙا بازياب نه ڪيا ويا ته ٻيهر قومي شاهراهه مڪمل طور بند ڪري وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
 

پريا حيات آهي؟ نئين بااختيار جي آءِ ٽي پتو لڳائيندي: لنجار
 

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته پريا ڪماري واري معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي آهي، جنھن ۾ انٽيليجنس ايجنسينز کي به شامل ڪيو آھي، اميد آھي ته اهو مسئلو جلد حل ٿي ويندو ته پريا جي اغوا ۾ ڪير ملوث آهي؟ پريا حيات آھي يا ناھي؟ نجي هوٽل ۾ انساني حقن ۽ قانوني سهائتا بابت هڪ تقريب ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سرڪار ضرور چاھيندي ته پنھنجن شھرين جو مڪمل تحفظ ڪري، اسان  اڳ ۾ ڪوششون ڪيون آھن پر ڪو به مثبت نتيجو ناهي نڪتو،  اڳ ۾ ٺاھيل جي آءَ ٽي ۾  رڳو پوليس آفيسر ھئا، نئين  جي آءِ ٽي ۾ حساس ادارن کي به شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پريا ڪماري جو بازياب نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو اوپن نه پر بلائينڊ ڪيس آھي، اها خبر نٿي پوي ته واقعي ۾ الف يا ب ملوث آهن؟ هن چيو ته اڳ ۾ چيو ويو ته پريا کي ڌاڙيل کڻي ويا آھن، هاڻي ڌاڙيل ظاهر ٿي ويا آهن پر  پريا جي موجودگي جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. گهرو وزير چيو ته عورتن جي حقن، ٻارن جي تحفظ، وراثت کان محرومي، سرپرستي (گارڊين شپ) ۽ قانوني سهائتا جهڙا مسئلا رڳو حڪومتي قدمن سان حل نٿا ٿي سگهن، انهي لاءِ حڪومت، عدليه، سول سوسائٽي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتو سهڪار ضروري آهي.
 

پريا بابت پريس ڪانفرنس: هندو پنچائت سکر جو مکي معطل

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هندو پنچائت جي چيئرمين ڊاڪٽر سريش ڪمار تلريجا سکر جي مکي ايشور لعل کان پريس ڪانفرنس متعلق وضاحت طلب ڪندي پيٽرن چيف سنڌ جي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو. مکي ايشور لعل چيو آهي ته ڊاڪٽر سُريش کي مون کي معطل ڪرڻ جو قانون تحت ڪو اختيار ناهي. هندو پنچائت سنڌ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سريش ڪمار تلريجا جو چوڻ آهي ته مکي ايشور لال پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي ھندو برادري ۽ پنچاتن جي دل آزادي ڪئي آهي. ايشور لال جي سکر ۾  پريس ڪانفرنس بابت مطمئين ڪندڙ وضاحت تائين چيف پيٽرن سنڌ هندو پنچائت جي ذميواري تان معطل رهندو. واضع رهي ته گذريل ڏينهن پريا ڪماري جي والد ايشور لال لال سان گڏ پريس ڪانفرسن ڪندي پريا ڪماري ۽ ٻين اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو. مکي ايشور لعل چيو ته ڊاڪٽر سريش ڪمار کي آئين ۽ قانون تحت مون کي معطل ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. راجڪمار منهنجي هندو پنچائت جو ميمبر آهي اُن سان گڏ هجڻ منهنجو فرض آهي. راجڪمار چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان ڇڏي وڃڻ واري ڳالهه ۾ صداقت ناهي، اِن قسم جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ دشمن ڪن پيا، ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪن پيا. راجڪمار چيو آهي ڪنهن غيرقانوني عمل جو حصو ناهيان. هن احتجاج کان لاتعلقي جو اظهار ناهي ڪيو. مکي ايشور لعل چيو ته اسان پر امن ۽ قانون جو احترام ڪندڙ آهيون. راجڪمار تي ڪو دٻاءٌ ناهي. راجڪمار چوي پيو هاڻي به احتجاج ۾ شرڪت ڪندس پر روڊ بلاڪ نه ڪندس.