| پريا ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ وٽ احتجاج جاري، قومي شاهراهه بند ڪرڻ جو چتاءُ |
ٻٻرلوءِ (ن پ ا) سنگرار مان پنج سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري، 75 ڏينهن کان گم اجالا سولنگي ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ڪالهه چوٿين ڏينهن به جاري رهي، ڪئمپ تي اڳواڻن، وارثن، سياسي، سماجي شخصيتن، سوشل ورڪرز ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پريا ڪماري جي والد راجڪمار، نويد لاشاري جي والد عبدالرزاق، آصفه جي والده ياسمين سميت ٻين ٻارن جي وارثن ۽ اڳواڻن چيو ته سخت گرمي باوجود سندن حوصلا بلند آهن، پر افسوس جو احتجاج جي چئن ڏينهن دوران سنڌ حڪومت يا ضلعي انتظاميا طرفان ڪنهن به قسم جو رابطو يا خاطري ناهي ڪرائي وئي، هنن چيو ته پنج سال گذري وڃڻ باوجود پريا ڪماري ۽ 75 ڏينهن گذرڻ باوجود اجالا سولنگي سميت ٻين گم ٿيل ٻارڙن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پريا ڪماري، اجالا سولنگي، نويد لاشاري، آصفه مغل، صبا ڪلهوڙو، فاطمه تيوڻو، خوشي مهر ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي جلد بازيابي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. اڳواڻن چيو ته جيستائين سڀئي گم ٿيل معصوم ٻارڙا بازياب نٿا ٿين، تيستائين ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي ڪئمپ ۽ ڌرڻو جاري رهندو، جلد احتجاج جو دائرو وسيع ڪري ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه کي بند ڪيو ويندو، احتجاجي ڪئمپ ڌرڻي ۾ شهيد ڀٽو اڳواڻن، پتافي اتحاد، ۽ نوجوان اتحاد خيرپور جي اڳواڻن، ۽ ٻين شرڪت ڪري وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان سنڌ جي مستقبل معصوم ٻارڙن جي بازيابي تائين سندس جي وارثن سان گڏ آهيون.