پريا ۽ ٻين کي بازياب ڪرايو: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڌرڻن جو اعلان

ڊسمبر 7, 2023

سکر (بيورو رپورٽ) پريا ڪماري رهائي ڪاميٽي پاران 9 ڊسمبر حيدرآباد ۽ 11 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري، نينگر علي اصغر مڱريو، علي حسن ميمڻ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ کي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو پر ڪو به پوليس آفيسر يا ضلعي انتظاميا جو نمائندو مظاهرين وٽ ناهي پهتو

 ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نذير کوکر، مخدوم بلاول، زاهد مڱريو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ڪرڻ ۽ اختيارن کي مغوين جي بازيابي لاءِ اپيل ڪرڻ باوجود ڪو تدارڪ ناهي ٿيو

 هنن اعلان ڪيو ته 9 ڊسمبر تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ 11 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

Leave A Comment