پريس ڪانفرنس ڪندا ته پوءِ جان ڇٽندي: اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

مَي 24, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني

عدالت اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي

جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته حلفي بيان جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسد عمر سياسي ڪيريئر وساري ڇڏي

عدالت اسد عمر کي ٽوئيٽس به ڊليٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسد عمر جا ٻه ٽوئيٽ آهن اهي فوري طور ڊليٽ ڪرايو

اسد عمر پاران وڪيل بابر اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي چيو ته اها خبر آهي پر اسان حڪم جي تعميل ڪنداسين

جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته اهي ته اوهان کي نه ڇڏيندا جيستائين اوهان پريس ڪانفرنس نه ڪندا

اسد عمر جي وڪيل چيو ته پريس ڪانفرنس ته اسان نه ڪنداسين

عدالت هدايت ڪئي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي نه ڪندا اهڙو حلفي بيان جمع ڪرايو، شاهه محمود کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو چيو هو

Leave A Comment