| پريشاني جي ڳالهه ناهي، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جي گڏيل مقرري جو نوٽيفڪيشن ايندو: تارڙ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف آف دي ڊيفنس فورسز جي عهدي جو باقاعده نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿي ويندو، منهنجي ۽ توهانجي لاءِ پريشاني جهڙي ڪا ڳالهه ناهي، لڳي ٿو اڄڪلهه ميڊيا وٽ ڪا خبر ئي ناهي۔ هن چيو ته هي معاملو سرڪاري طريقيڪار جو حصو آهي۔ وزيراعظم ملڪ ۾ موجود ناهي، جيئن ئي وزيراعظم واپس ايندو ته سڀ ڪم ٿي ويندو، ممڪن آهي ته فائل وارو ڪم اڳ ۾ ئي مڪمل ٿي چڪو هجي۔ وزارت دفاع کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو آهي ۽ اهو وزيراعظم هائوس سان ڪوآرڊينيشن بعد ئي جاري ٿيندو۔ هن چيو ته آرمي چيف جي مدت ملازمت کي اڳ ئي تحفظ حاصل آهي، آرمي چيف جي مدت کي نومبر 2027 تائين قانوني تحفظ حاصل آهي۔ نئين ترميم کان پوءِ گڏيل مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو۔ نوٽيفڪيشن ۾ دير بابت ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو اڄڪلهه ميڊيا وٽ ڪا خبر ئي ناهي.