پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ برقرار:ماضي جي فيصلن تي لاڳو نه ٿيندو:سپريم ڪورٽ

آڪٽوبر 11, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي قانونسازي وارو اختيار مڃي ورتو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ برقرار پر قانون ماضي جي فيصلن تي لاڳو نه ٿيندو، فل ڪورٽ اڪثريتي راءِ سان ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو پڙهي ٻڌايو، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي 10 ججن حمايت ۽ 5 ججن مخالفت ڪئي جنهن بعد هي قانون برقرار آهي

قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي 8 ميمبرز حمايت ۽ 5 ميمبرز مخالفت ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس شاهد وحيد ايڪٽ برقرار رکڻ جي مخالفت ڪئي

چيف جسٽس چيو ته هي قانون ماضي جي فيصلن تي لاڳو نه ٿيندو  9 ججن ان جي حمايت ۽ 6 ججن مخالفت ڪئي سپريم ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيل جو حق ڏنو ويو آهي

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فُل ڪورٽ ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، اڄ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ هڪ ٻئي جون دشمن نه آهن، ادارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش نه ڪيو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو جو اصول اپنائڻو پوندو

هن چيو ته پارليامينٽ چاهي ها ته اڳتي وڃي پئي سگهي، پارليامينٽ هن قانون سان سپريم ڪورٽ جي عزت رکي، پارليامينٽ عدالت تي اعتماد ڪيو ته اسان پنهنجا معاملا ڪيئن هلايون،  هتي سپريم ڪورٽ کي وڌيڪ اختيار ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن پسند نه ٿو اچي ته ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏجو

 اٽارني جنرل عثمان انور دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ عدليه جي آزاديءَ جي خلاف نه آهي، آرٽيڪل 191 ۾ قانون جو لفظ موجود آهي جنهن تحت ئي پريڪٽس اينڊ پروسيجر لا ٺهيو

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي ٺاهيل رولز ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ آزاد عدليه جو تصور ختم ٿي ويندو، جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 8 چوي ٿو ته اهڙي قانونسازي نٿي ٿي سگهي جيڪا بنيادي حق واپس وٺي

Leave A Comment