اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي عدالتي فيصلي کي درست قرار ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان مطمئن آهيان ته ماضي جا ڪيس نه کلندا
پي ٽي آءِ چيئرمين سان اڊياله جيل ۾ قانوني ٽيم ملاقات ڪئي ان موقعي تي هن پريڪٽس اينڊ پروسيجرايڪٽ بابت عدالتي فيصلي تي اطمينان جو اظهارڪيو
ملاقات ۾ بيرسٽرعلي ظفر، بيرسٽر عمر نيازي ۽ بيرسٽر علي گوهر شامل هئا، اڊياله جيل ٻاهران بيرسٽر علي ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پيغام ڏنو آهي ته ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ ملڪ کي هن وقت مقبول ليڊر جي ضرورت آهي، مقبول ليڊر صرف اليڪشن ذريعي ئي اچي سگهي ٿو
سندس چوڻ هو ته پي ٽِي آءِ چيئرمين چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊن بابت پٽيشن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي، اليڪشن وقت تي ٿئي ۽ سپريم ڪورٽ جي سپر ويزن ۾ ٿئي، مقبول ليڊر ئي سرجيڪل آپريشن ذريعي معيشت ٺيڪ ڪري سگهي ٿو
هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي گذريل ڏينهن واري فيصلي مان مطمئن آهيان ته ماضي جا ڪيس نه کلندا، اپيل جو حق هئڻ گهرجي، هي درست فيصلو آهي
بيريسٽر علي ظفر موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ته چونڊون نه ڪرايون، هاڻي سڀ نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن