پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي ٺڪاڻي لڳائڻ تائين هن عدالت کي نٿو مڃان: جسٽس فائز فوجي عدالتن واري بينچ مان اٿي ويو

جُون 22, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فوجي عدالتن واري درخواست ٻڌندڙ بينچ مان اٿي هليو ويو سندس چوڻ هو ته جيسيتائين پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي ٺڪاڻي نٿو لڳايو وڃي هن عدالت کي نٿو مڃان

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ پاران فوجي عدالتن خلاف اڳوڻي چيف جسٽس فواد ايس خواجا جي درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي ته سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اتارني جنرل روسٽرم تي اچي آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار آئين جو آرٽيڪل 175/2 ڏي ٿو آئون پنهنجي قومي ٻولي اردو ۾ ڳالهائيندس، حيرت ٿي ته رات 8 وڳي ڪاز لسٽ ۾ منهنجو نالو آيو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪندس

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڃا ٺهيو ئي نه هو ته 13 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ اسٽي آرڊر جاري ڪيو، ٻڌني جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ رولز پڙهو ڇا چون ٿا، آئين سپريم ڪورٽ کي ٻڌني جو اختيار ڏي ٿو جج جو حلف چوي ٿو ته آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندس، پريڪسٽس اينڊ پروسيجر هڪ قانون آهي آئون سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ بينچ جو حصو ناهيان ان ڪري ڪجهه نه چوندس

جسٽس قاضي فائز چيو ته ان کان اڳ پهرين هڪ پاڻمرادو نوٽيس منهنجي بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيو، مون پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 184/3 ۾ رولز ٺاهيا وڃن ان کانپوءِ حيرت ۽ ڏک ٿيو ته 31 مارچ تي عشرت علي صاحب سرڪلر جاري ڪيو عشرت علي صاحب چيو ته سپريم ڪورٽ جي 15 مارڄ جي حڪم کي نظرانداز ڪريو اها اهميت هئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ؟ پوءِ سپريم ڪورٽ جي 6 ميمبرن تي مشتمل بينچ ٺاهي سرڪلر جي توثيق ڪئي وئي ۽ منهنجو فيصلو واپس ورتو منهنجا دوست يقينن مون کان قابل آهن پر آئون پنهنجي ايمان تي فيصلو ڪندس

هن  چيو ته ان  6 ڪني بينچ ۾ جيڪڏهن نظرثاني هئي ته مرڪزي ڪيس جو ڪو جج شامل ڇو نه هو؟ مون 6 رڪني بينچ تي نوٽ لکيو جنهنکي سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ کانپوءِ هٽايو ويو  چيف جسٽس 16 مئي تي پڇيو ته ڇا آئون چيمبر ورڪ ڪرڻ چاهيان ٿو يا نه؟ ٻڌايان ٿو ته مون چيمبر ورڪ کي اوليت ڇو ڏني؟

قاضي فائز چيو ته بينچز جي جوڙجڪ بابت هڪ قانون ٺاهيو ويو ، ڪنهن تي آڱر نه پيو کڻان پر مون وٽ آپش هو ته حلف جي پاسداري ڪريان يا عدالتي حڪم تي بينچ ۾ ويهان منهنجي خيال ۾ قانون کي رد ڪري سگهجي معطل نٿو ڪري سگهجي

نامزد چيف جسٽس جو چوڻ هو ته تنقيد کان بچڻ لاءِ آئون هن ڳالهه جو قائل آهيان ته سموري ڳالهه کليل عدالت ۾ ٿيڻ گهرجي، هاڻ ته نوٽ به ويب سائيٽ تان هٽايا وڃن ٿا ان لاءِ پنهنجو جواب هتي ئي پڙهي رهيو آهيان مون چيف جسٽس کي لکيل نوٽ پنهنجي سمورن ساٿين کي به اماڻيو

سندس چوڻ هو ته مون نوٽ چيو ته منهنجي ساٿين قانون معطل ڪري مونکي عجيب وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو آهي وفاقي حڪومت منهنجي سربراهي ۾ هڪ جاچ ڪميشن جوڙي جاچ ڪميشن کي 19 مئي تي 5 رڪني بينچ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو؟ مون جاچ ڪميشن ۾ نوٽيس ٿيڻ تي جواب به جمع ڪرايو

جسٽس قاضي فائز ريمارڪس ڏنا ته ڪاز لسٽ ۾ سڀ کان آخري درخواست کي پهرين رکيو ويو، آئون جسٽس سردار طارق اهو ئي سوچيندا رهياسين ته بينچ ۾ شامل ٿيون يا نه آئون ڪيس ٻڌڻ کان معذرت نٿو ڪريان پر جيسيتائين سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي ٺڪاڻي نٿو لڳايو وڃي آئون هن عدالت کي نٿو مڃان، جنهن بعد جسٽس قاضي فائز بينچ مان اٿي هليو ويو ۽ بينچ ٽٽي ويو

Leave A Comment