پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي حڪومت کي نوٽيس جاري

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي حڪومت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو۔ وفاقي آئيني عدالت ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس خلاف اپيل جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ پنجن رڪني لارجر بنچ ڪئي۔ بيرسٽر گوهر جي اپيل تي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل سمير کوسا عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ شروعاتي فيصلو ڏنو هو ۽ آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي رولز کي اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن مطابق پنج رڪني بينچ اپيل نٿي ٻڌي سگهي، جڏهن ته فيصلو تبديل ڪرڻ لاءِ 7 رڪني کان مٿي بينچ گهربل آهي۔ سمير کوسا چيو ته آئيني عدالت جي جاري ڪيل رولز جي نوٽيفڪيشن ۾ اهڙو ڪجهه لکيل ناهي۔ ان تي ايڊشنل اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 189 تحت آئيني عدالت جو فيصلو سپريم ڪورٽ تي لاڳو ٿئي ٿو ۽ ڇاڪاڻ ته هي عدالت الڳ آهي، اِن ڪري ججن جو انگ گهٽ يا وڌيڪ هجڻ سان فرق نٿو پوي، آئيني عدالت پاڻ طئي ڪندي ته ڪيترا جج اپيل ٻڌندا. وڪيل سمير کوسا چيو ته موجوده اپيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت داخل ڪئي وئي آهي ۽ قانون مطابق لارجر بينچ ئي اپيل ٻڌي سگهي ٿو۔ جسٽس عامر فاروق چيو ته نوٽيس جاري ڪرڻ جي حد تائين ڪو مسئلو نظر نٿو اچي، جنهن کان پوءِ عدالت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس خلاف حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.