| پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون 48 ڪلاڪن ۾اپلوڊ ڪرڻ جو حڪم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس محسن اختر ڪياني هاءِ ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت 48 ڪلاڪن اندر رولز هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ ۽ انهن جون ڪاپيون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بارز کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پي ٽي سي ايل جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني وڪيل کان پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز بابت سوال ڪيو، جنهن تي وڪيل لاعلمي ظاهر ڪئي. جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان هاءِ ڪورٽ جا رولز ٺاهيا آهن، جيڪي اسان کي به ناهن مليا. مان جج آهيان، مون کي به رولز جي ڪاپي ناهي ملي، ته پوءِ توهان کي ڪيئن ملندي، فل ڪورٽ رولز منظور ڪيا، پر انهن کي عام ناهي ڪيو ويو. پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز هڪ قسم جو خفيه دستاويز بڻيل آهن. جيڪڏهن رولز گهرجن ته رجسٽرار کي درخواست لکو.