پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين جولاءِ ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ناڻو اماڻيو 

پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين جولاءِ ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ناڻو اماڻيو 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جولاءِ 2026ع دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر موڪليل ناڻو اماڻن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جولاءِ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران ترسيل زر ۾ سال به سال جي بنياد تي 13 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو انتهائي خوش آئند آهي، جڏهن ته مهيني جي بنياد تي به ترسيل زر ۾ 4.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. شهباز شريف چيو ته اوورسيز پاڪستانين جو ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ مسلسل مثبت ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سمنڊ پار پاڪستاني قومي معاشي ڌارا جو قيمتي حصو آهن. حڪومت هڪ ٽريلين ڊالر معيشت جي مشن تحت 12 آگسٽ تي ”ويزن پاڪستان 2047“ لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ويزن پاڪستان 2047 تحت ملڪي معيشت، ترقي ۽ مستحڪم معاشي واڌ ويجهه جو پروگرام شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته نوجوان نسل لاءِ مستحڪم ترقي، خوشحالي ۽ جدت تي ٻڌل پروگرام پڻ متعارف ڪرايا ويندا. وزارت منصوبابندي جي اُڏم پاڪستان منصوبي کي ويزن پاڪستان 2047 جي مطابق ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس ويزن پاڪستان 2047 لاءِ سمورين وزارتن ۽ ادارن کان هدف پڻ طلب ڪري ورتا آهن.